سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر ڪي اليڪٽرڪ تي زور ڀريو آهي ته اها مقامي ٻارڻ ذريعي سستي بجلي پيدا ڪري ته جيئن ماڻهو بجلي جي بلن ۾ سک جو ساهه کڻي سگهن.
نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر جي صدارت هيٺ ڪي اليڪٽرڪ بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب، وڏي وزير جي پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، ايڊيشنل آءِ جي خادم حسين رند ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
وڏي وزير جو چيو ته ڪي اليڪٽرڪ کي پنهنجي سسٽم ۾ مقامي ٻارڻ تي ٻڌل بجلي شامل ڪرڻ گهرجي ته جيئن بجلي جا اگهه گهٽ ڪري سگهجن.
ڪي اليڪٽرڪ جي سي ايِ او مونس علوي چيو ته ڪي اليڪٽرڪ 21 سئو 72 ميگا واٽ اضافو ڪري رهي آهي، جنهن ۾ 11 سئو 82 ميگا واٽ سستي بجلي شامل آهي.
هن چيو ته ٽيرف ۾ اضافي ۽ بجلي جي چوري سبب کپت ۾ 5 سيڪڙو ۽ وصولين ۾ 3 ڏهائي چار سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي.
نگران وڏي وزير چيو ته سستي بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ طريقا ۽ ذريعا ڳوليا وڃن.
ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو ته پي ايڇ ايل سرچارج پاور سيڪٽر بابت سيڙپڪار لاءِ مارڪ اپ کي پورو ڪرڻ لاءِ لڳائي وئي آهي، ڪي اليڪٽرڪ جو ان قرض سان ڪو به تعلق ناهي.
ڪي اليڪٽرڪ جي چيف چيو ته عملي ۾ ماڻهن جي حملي جا 174 واقعا رڪارڊ ڪيا ويا آهن.
ان تي نگران وڏي وزير ڪراچي پوليس چيف کي هدايت ڪئي ته ڪي اليڪٽرڪ جي عملي کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي