اوستا محمد ۾ لهڙي ۽ ابڙا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ هلندڙ زميني تڪرار تان ٽي ڄڻا مارجي ويا ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو.
ڳوٺ خاوند ۽ ڳوٺ ٻاجهي ۾ لهڙي ۽ ابڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾ 16 ڪلاڪن کان وٺي هلندڙ فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 3 ڄڻا قتل ۽ هڪ زخمي ٿي پيو.
قتل ٿي ويلن ۾ نذير لهڙي، صلاح الدين شهواڻي ۽ ابڙا ڌر جو محمد پنهل شامل آهي.
ٽن ڄڻن جي قتل کانپوءِ ڇڪتاڻ وڌيڪ تيز ٿي وئي آهي.
علائقي ۾ ڇڪتاڻ برقرار هجڻ باوجود پوليس واقعي واري هنڌ ناهي پهتي جنهن ڪري وڌيڪ خونريزي جو خطرو آهي.