اوستا محمد ۾ گيس جو سلينڊر ڦاٽڻ سبب عورت فوت ٿي وئي جڏهن ته ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي علاج لاءِ لاڙڪاڻي جي ٽراما اسپتال آندو ويو آهي.
شهر جي هندو محلي ۾ واپاري جڳديش ڪمار جي گهر اندر گيس جو سلينڊر اوچتو ڌماڪي سان ڦاٽي پيو جنهن جي نتيجي ۾ 22 ورهين جو سنتيش ڪمار، 48 ورهين جو سوجن ڪمار ۽ هڪ عورت زخمي ٿي پيا جن کي وارث ايمبولنس ذريعي لاڙڪاڻي جي ٽراما سينٽر کڻائي آيا.
زخمي عورت شيلا اسپتال ۾ زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڏيئي ڇڏيو جڏهن ته زخمين جو ٽراما سينٽر ۾ علاج هلندڙ آهي ڊاڪٽرن پاران سندن حالت خطري کان ٻاهر ٻڌائي پئي وڃي….