تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

اولهندي سرحد تي سمگلنگ تي ضابطو آڻڻ سان معيشت تي سٺا اثر پيا: آرمي چيف

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چيو ته اولهندي سرحد تي سمگلنگ تي ضابطو آڻڻ سان معيشت تي سٺا اثر پيا، پاڪستان جي معاشي بحالي ۾ دوست ملڪن خاص ڪري چين، سعودي عرب ۽ متحده عرب امارات جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي.

آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير ڪراچي جي دوري دوران واپاري برادري سان ملاقات ڪئي.

ان موقعي تي آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير واپاري برادري سان معيشت بابت اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته هن هڪ سال اڳ واپارين کي مخاطب ٿي چيو هو ته مايوس نه ٿيو، مايوسي ۽ نااميدي گناهه آهي.

آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چيو ته پاڪستان جي خوشحالي لاءِ ڪڏهن به نااميد نه ٿيو.

آرمي چيف چيو ته معاشري ۾ مايوسي پيدا ڪرڻ جي ناڪام ڪوششن کي گڏيل ڪاوشن سان شڪست ڏني.

آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چيو ته پاڪستان مختلف شعبن ۾ غير معمولي صلاحيت رکي ٿو.

هن چيو ته پاڪستان پنهنجي بيشمار وسيلن ۽ صلاحيت کي نظر ۾ رکندي دنيا ۾ پنهنجو جائز مقام حاصل ڪرڻ چاهي ٿو.

آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چيو ته اولهندي سرحد تي سمگلنگ تي ضابطو آڻڻ سان معيشت تي هاڪاري اثر پيا.

سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي معاشي بحالي ۾ دوست ملڪن خاص ڪري چين، سعودي عرب ۽ متحده عرب امارات جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي.

آرمي چيف چيو ته گوگل، اسٽار لنڪ ۽ ٻيون عالمي ڪمپنيون پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪري رهيون آهن.

جنرل سيد عاصم منير چيو ته اهي ڪاميابيون واپاري برادري جي سهڪار کانسواءِ ممڪن نه هيون.

هن چيو ته سڀني کي پاڪستان جي روشن مستقبل تي اٽل اعتماد هئڻ گهرجي.

آرمي چيف ڪراچي جي واپاري برادري کي يقين ڏياريو ته فوج غير قانوني سرگرمين خلاف ڪارروائي لاءِ پرعزم آهي، ڪراچي جي واپاري برادري جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا.

آرمي چيف واپاري برادري کي ملڪ جي معيشت جي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ ۽ ايس آءِ ايف سي سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي دعوت پڻ ڏني……………

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
15.7 ° C
15.7 °
15.7 °
54 %
3.7kmh
4 %
ڇنڇر
23 °
آچر
25 °
سُومر
26 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °

تازه ترين خبرون