تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

اوهان جڙانوالا واقعي ۾ مذهبي سازشن کي وائکو ڪري سگهو ٿا: جاويد لطيف

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

مسلم ليگ نون جي اڳواڻ جاويد لطيف چيو آهي ته اوهان جڙانوالا واقعي ۾ مذهبي سازشن کي وائکو ڪري سگهو ٿا، اهڙي طرح ملڪ ۽ رياست خلاف سازشن کي به وائکو ڪرڻو پوندو، ملڪ ۾ ٿيندڙ فيصلن سان رياست کي نقصان ٿي رهيو آهي، جيستائين سازش کي وائکو نه ڪيو ويندو معاملا ٺيڪ نه ٿيندا، مهانگائي جي ٻوڏ عوام کي کائي رهي آهي، بجلي جي بلن ۾ ٻه ٽي رپيا يونٽ گهٽ ڪرڻ سان معاملو حل نه ٿيندو.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جاويد لطيف چيو ته اڄ هر گهر ۾ عدم استحڪام وڌي رهيو آهي، سڄي ملڪ ۾ بجلي جي بلن خلاف احتجاج ٿي رهيا آهن، هن سازش پٺيان لڪل ذميوارن کي سامهون آڻڻ تائين ملڪ ۾ استحڪام نه ايندو.

سندس چوڻ هو ته رياست کي نقصان پهچائيندڙ فيصلن کي عوام آڏو آڻڻو پوندو، 75 ورهين ۾ اڄ تائين ملڪ ۾ ايتريون درخواستون ڪنهن لاءِ عدالتن ۾ ناهن ويون.

مسلم ليگ نون جي اڳواڻ جاويد لطيف چيو ته انصاف ڏيندڙ قابل احترام شخصيت قاضي فائز عيسيٰ خلاف ريفرنس داخل ڪيو ويو، اڄ تائين چيو پيو وڃي نواز شريف ملڪي آئين ۽ قانون کي منهن ڏئي.

هن چيو ته ڇا شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سان انصاف ٿيو هو؟، ڇا نواز شريف خلاف سازش ڪندڙ ڪردار وائکا ٿي چڪا آهن، اوهان اڄ به انهن ڪردارن کي عدالت جي ڪٽهڙي ۾ بيهارڻ لاءِ تيار ناهيو.

مسلم ليگ نون جي اڳواڻ جاويد لطيف چيو ته ملڪ خلاف سازشون ڪندڙن کي عوام آڏو آڻڻ رياستي ادارن جي سربراهن جي ذميواري آهي، 2017ع جي ڪردارن کي به عوام آڏو آندو وڃي

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
21.9 ° C
21.9 °
21.9 °
40 %
0.5kmh
87 %
جمعو
22 °
ڇنڇر
28 °
آچر
31 °
سُومر
30 °
اڱارو
31 °

تازه ترين خبرون