اوٻاوڙي ويجهو اسسٽنٽ ڪمشنر ماجد حميد شيخ پوليس ۽ ڳجهي اداري جي اهلڪارن سان گڏجي گدام تي ڇاپو هڻي ذخيرو ڪيل 24 هزار ڪڻڪ جون ٻوري هٿ ڪري ورتيون .
اسسٽنٽ ڪمشنر اوٻاوڙو ماجد حميد شيخ پوليس ۽ ڳجهي اداري جي اهلڪارن سان گڏجي پراڻي ٽول پلازه ويجهو ممتاز سيڊ ڪارپوريشن گدام تي ڇاپو هنيو .
اسسٽنٽ ڪمشنر ماجد حميد ٻڌايو ته ڇاپي دوران ذخيرو ڪيل 24 هزار ڪڻڪ جون ٻوري هٿ ڪري هڪ ڄڻي چوڌري عبدالله کي گرفتار ڪري ورتو آهي .
هن چيو ته گدام کي سيل ڪيو ويو آهي، وڌيڪ فوڊ ڊپارٽمينٽ جا عملدار ڪارروائي ڪندا، ذخيرو ڪندڙ خلاف ڪارايون جاري رهنديون