- Advertisement -
اوٻاوڙي ڀرسان رونتي جي ڪچي ۾ رينجرز ۽ پوليس طرفان ڌاڙيلن جو گهيرو وڌيڪ تنگ ڪري ڊرون ذريعي ڏوهارين جي ٿاڪن تي فائرنگ ڪئي وئي، جنهن ۾ ڪيترن ئي ڌاڙيلن جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع مليا آهن.
ايس ايس پي گهوٽڪي سميع الله سومري جو چوڻ آهي ته پوليس اهلڪارن جا حوصلا بلند آهن، ڏوهارين جي خاتمي تائين ڪچي ۾ ڪارروائي جاري رکي ويندي.
سندس چوڻ هو ته 6 اي پي سي چينز، 25 پوليس موبائلون ۽ 15 رينجرز جي گاڏين سميت پوليس جي وڏي نفري ۽ رينجرز اهلڪارن جي مدد سان شر گينگ جي ڏوهارين خلاف آپريشن ڪيو پيو وڃي.
هن چيو ته آپريشن دوران جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته ڪچي ڏانهن ايندڙ ويندڙ رستن کي به سيل ڪيو ويو آهي.
ايس ايس پي جو چوڻ هو ته ڏوهارين جو گهيرو تنگ ڪيو ويو آهي، پوليس ۽ رينجرز جو آپريشن ڏوهارين جي خاتمي تائين جاري رهندو.- Advertisement -
