- Advertisement -
اوٻاوڙي ڀرسان قومي شاهراهه تي تيز رفتار ٽرڪ ڪلٽي ٿيڻ سبب ڊرائيور فوت ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو.
قومي شاهراه تي مير خان پمپ ويجهو پنجاب ويندڙ ٽرڪ تيز رفتاري سبب ڪلٽي ٿي پئي.
حادثي جي نتيجي ۾ ٽرڪ ڊائيور محمد خالد خالد بلوچ موقعي تي ئي فوت ٿي ويو جڏهن ته ڪلينر محمد اختر ڀٽي سخت زخمي ٿي پيو.
اطلاع ملڻ تي اوٻاوڙو پوليس حادثي واري هنڌ پهچي فوتي ڊرائيور جو مڙهه ۽ زخمي ڪلينر کي اسپتال پهچايو.
فوتي ڊائيور ۽ زخمي ڪيلنئير جو تعلق پنجاب جي شهر مظفر گڙھ سان ٻڌايو پيو وڃي.
پوليس جو چوڻ آهي ته حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو آهي جڏهن ته فوتي ۽ زخمي جي وارثن کي اطلاع ڏنو ويو ويو آهي.- Advertisement -
