تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

اسرائيل پاران ايران تي هوائي حملو، تهران، شيراز ۽ ڪرج ۾ ڌماڪا، ايران تصديق ڪري ڇڏي

- Advertisement -
اسرائيل ايران طرفان ڪيل بيليسٽڪ ميزائل حملن جو جواب ڏئي ڇڏيو، ايران جي دارالحڪومت تهران، شيراز ۽ ڪرج تي هوائي حملا ڪري ڏنا، ايران جي سرڪاري ميڊيا تهران ۾ ڌماڪن جي تصديق ڪري ڇڏي. پرڏيهي ميڊيا موجب پهرين آڪٽوبر تي اسرائيل تي ايران طرفان ڪيل ميزائل حملن کانپوءِ هاڻ اسرائيل جوابي ڪارروائي ڪندي ايران تي حملن جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. ايراني ميڊيا موجب ايراني راڄڌاني جي اولهه ۾ 7 ڌماڪا ٻڌا ويا. تهران ۾ امام خميني انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي سي اي او هوائي اڏي تي حملي جي خبرن کي رد ڪري ڇڏيو، ڪا به اڏام معطل نه ٿيندي. شامي ميڊيا جو چوڻ آهي ته دمشق ۽ هومز ۾ به ڪيترائي ڌماڪا ٻڌا ويا، عراقي شهرن دياله ۽ صلاح الدين ۾ به ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا. اسرائيلي فوجي اختيارين موجب تهران حڪومت طرفان اسرائيل تي حملن جي جواب ۾ ايران جي ڪيترن ئي علائقن ۾ فوجي ٺڪاڻن کي ميزائلن سان نشانو بڻايو ويو، ڪيترن ئي عمارتن ۾ باهه لڳي ويئي، جن مان هڪ عمارت مان 10 ماڻهن کي ڪڍيو ويو. اسرائيلي ميڊيا موجب ايران جي سڪيورٽي نظام مطابق اهم عمارت ۾ مبينا طور ڌماڪي جا اطلاع آهن، دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته جنهن عمارت ۾ ڌماڪو ٿيو، اها تهران ۾ آهي ۽ ان عمارت مان 10 کان وڏيڪ اماڻهن کي ريسڪيو ڪيو ويو. اسرائيلي ميڊيا موجب ڪرج اهو شهر آهي جتي ايران جا نيوڪليئر پاور پلانٽس موجود آهن، پرا هو واضح ناهي ته نيو ڪليئر پاور پلانٽس کي نشانو بڻايو ويو آهي يا نه؟ آمريڪا جي قومي سلامتي ڪائونسل جي ترجمان سيوٽ جو چوڻ هو ته صدر بائيڊن کي ٻڌايو ويو هو ته فوجي هدفن کي نشانو بڻائڻ جي هي ڪارروائي اسرائيل طرفان پنهنجي بچاءَ جي مشق آهي ۽ اها پهرين آڪٽوبر تي ايران طرفان اسرائيل تي بيليسٽڪ ميزائلن جي حملن جو ردعمل آهي. وائيٽ هائوس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته اسرائيل جي ايران تي حملن ۾ آمريڪا جو ڪو ڪردار ناهي، ايران تي اسرائيلي حملن کان آگاهه ڪيو ۽ صورتحال تي گهري نظر آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.2 ° C
23.2 °
23.2 °
27 %
4.2kmh
0 %
جمعو
25 °
ڇنڇر
23 °
آچر
25 °
سُومر
26 °
اڱارو
28 °

تازه ترين خبرون