اوٻاوڙي ڀرسان رونتي جي ڪچي واري علائقي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ مڙس پنهنجي گهرواري ۽ پورهيت کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي.
رونتي جي ڪچي واري علائقي ۾ جوابدار جوابدار مورو شر ڪارنھن الزام ھيٺ پنهنجي گهرواري مريم شر کي قتل ڪرڻ بعد ڪرائي تي موٽرسائيڪل ھلائيندڙ حميد چاچڙ کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.
وارثن قتل ٿيل نوجوان جو لاش کڻائي اسپتال پهچايو.
اطلاع ملڻ بعد رونتي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي عورت جو لاش کڻائي اسپتال پهچائي ڇڏيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته ڪارنهن الزام هيٺ مڙس پنهنجي گهرواري ۽ پورهيت کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.