ڊالر جي ملهه ۾ مسلسل اضافو جاري آهي، اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 5 رپيا مهانگو ٿي، 328 رنسن جي سطح تائين پهچي ويو.
ڪاروباري هفتي جي آخري ڏينهن انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 7 پيسا گهٽتائي سان 305 رپيا 46 پيسن جو ٿي ويو، منجهند تائين ڊالر 27 پيسا مهانگو ٿي 305 رپيا 80 پيسن جي سطح تي اچيو ويو.
اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 5 رپيا اضافي سان 328 رپين جي بلند ترين سطح تي اچي ويو.
پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ٻاڙائي سان ڪاروبار جي شروعات ٿي ۽ چوڏهن پوائنٽن جي گهٽتائي سان ڪي ايس ايِ هنڊريڊ انڊيڪس 44 هزار 988 پوائنٽن جي سطح تي اچي وئي.
پهرين سيشن جي پڄاڻي تائين پي ايس ايڪس ۾ 23 پوائنٽن جي تيزي سان هنڊريڊ انڊيڪس 45 هزار 26 پوائنٽن تي اچي وئي