ايران جي اسرائيل تي حملي سبب 8 ڄڻا مارجي ويا.
عرب ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته ايران طرفان اسرائيل تي بيلسٽڪ، ڊرونز ۽ ڪروز ميزائل سان حملا ڪيا ويا.
عرب ميڊيا موجب ايران اسرائيل تي 4 سئو ميزائل فائر ڪيا آهن، ميزائلن جو هدف اسرائيل جي راڄڌاني تِل ابيب آهي.
پاسداران انقلاب، اسرائيل تي حملي کي حماس جي سربراهه اسماعيل هنيه ۽ حزب الله جي سيڪريٽري جنرل حسن نصرالله جي شهادت جو بدلو قرار ڏئي ڇڏيو آهي.
هوڏانهن ايران جي حملي کانپوءِ اسرائيل جي مختلف علائقن ۾ سائرن وڄايا ويا.
اسرائيل طرفان حملي بعد جنگي ڪابينا جو اجلاس پڻ طلب ڪيو ويو.
ٻي طرف آمريڪي صدر به قومي سلامتي ٽيم جي گڏجاڻي گهرائي ورتي آهي.