تازه ترين

ملڪي معيشيت مضبوط ۽ عام ماڻهن جي خوشحالي جو سفر شروع ٿي چڪو آهي:وزيراعظم

- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته  ملڪي معيشيت مضبوط ۽ عام ماڻهن جي خوشحالي جو سفر شروع ٿي چڪو آهي. مهانگائي ۾ گهٽتائي تي رد عمل ڏيندي وزيراعظم چيو ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان عوام سان ڪيل واعدن ۾ ڪاميابي ملڻ شروع ٿي وئي آهي. هن چيو ته ڪجهه سالن دوران قوم هڪ ٽولي جي نااهلي سبب ڏکيائين کي منهن ڏنو، مهانگائي جي شرح 6 ڏهائي 9 سيڪڙو ٿيڻ حڪومتي معاشي ٽيم جي ڪوششن جو نتيجو آهي. شهباز شريف چيو ته مهانگائي جي شرح 6 ڏهائي 9 سيڪڙو ٿيڻ سان عام ماڻهو کي رليف ملندو. سندس چوڻ هو ته پيٽروليم شين جي اگهن ۾ به گهٽتائي سان عوام کي رليف ملي رهيو آهي. وزيراعظم شهبازشريف چيو ته وياج جي شرح گهٽجڻ سان ملڪ ۾ ڪاروباري سرگرمين ۾ اضافو ٿيندو، مهانگائي جي شرح کي 2025 تائين ست سيڪڙو آڻڻ جو حدف 2024 ۾ ئي حاصل ٿيڻ ساراهه جوڳو آهي، پهرين ڏينهن کان ئي عوامي رليف لاءِ قدمن کي پهرين ترجيح بڻايو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
9 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
28.7 ° C
28.7 °
28.7 °
34 %
1kmh
0 %
خميس
31 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
33 °
آچر
35 °
سُومر
35 °

تازه ترين خبرون