ايران ۾ روڊ حادثي سبب فوت ٿيل 28 ڄڻن جا مڙهه اڄ ڏيهه آندا ويندا.
ايران جي يزد شهر ۾ پانڌيئڙن جي بس سان ٿيل حادثي ۾ فوت ٿيلن جا مڙهه ڏيهه آڻڻ لاءِ انتظام مڪمل ڪرا ويا آهن.
ڪمشنر سکر فياض عباسي جو چوڻ آهي ته سي ون ٿرٽي اڏام ذريعي 28 مڙهه سکر ايئرپورٽ پهچايا ويندا، بس حادثي جا 15 به خاص اڏام ذريعي سکر منتقل ڪيا ويندا، فوتين جا مڙهه ۽ زخمين کي ايمبولينس ذريعي اباڻن علائقن ڏانهن روانو ڪيو ويندو.
ان کان اڳ ايران جي يزد شهر ۾ پانڌيئڙن جي بس سان ٿيل حادثي ۾ فوت ٿيلن جا مڙهه جلد ڏيهه آڻڻ ۽ بس ۾ سوار پانڌيئڙن جا تفصيل گڏ ڪرڻ لاءِ چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ پرڏيهي وزارت پاران ڪمشنر لاڙڪاڻو سان رابطو ڪري تفصيل گڏ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. شهيدن جا مڙهه ڏيهه آڻڻ لاءِ ۽ تفصيل گڏ ڪرڻ لاءِ سيل قائم ڪيو.
ان حوالي سان ڪمشنر لاڙڪاڻو سان پرڏيهي وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري نجيب دراني جي ڳالهه ٻولهه ٿي جنهن ۾ ڪمشنر لاڙڪاڻو پاران شهيدن جا مڙهه سکر ايئر پورٽ يا موهن جو دڙو ايئر پورٽ تي آڻڻ جي درخواست ڪئي وئي.
ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪمشنر غلام مصطفي ڦل ٻڌايو ته پرڏيهي وزارت پاران ايران سان رابطو ڪري شهيدن جا مڙهه ايئرڪرافٽ جهاز ذريعي ڏيهه آڻڻ جو چيو آهي.
هن چيو ته چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ پرڏيهي وزارت جو ايڊيشنل سيڪريٽري رابطي ۾ آهي.
ٻئي طرف ڪاروان جي سالار اطھر شاھ شمسي پڻ وارثن سان رابطو ڪري چيو آهي ته هن مجل تائين 5 شهيدن جي تصديق ٿي وئي آهي جن ۾ لاڙڪاڻو واسي عمران ڪلهوڙو، عباس ديناري ڪاشف شيخ، سلمان شيخ، حبيب الله سومرو شامل آهن، باقي ٻين شهيدن جي پڻ تصديق لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون.
هن چيو ته زخمين ۾ گهڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي جيڪي ايران جي شهر يزد سميت ٻين شهرن جي مخلتف اسپتالن ۾ داخل آهن جن جي پڻ تصديق ڪئي پئي وڃي.
هوڏانهن انتظاميه فوت ٿيندڙ پانڌيئڙن جا نالا پڌرا ڪري ڇڏيا آهن.
لسٽ موجب فوت ٿيندڙ 28 ڄڻن جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي، جن ۾ مرد ۽ عورتون شامل آهن.
پانڌيئڙن کي زيارتن تي وٺي ويندڙ سالار اطھر شاھ شمسي لسٽ پنهجي ڀاءُ کي واٽس ايپ ڪري ڇڏيو آهي.
اظهر شاهه موجب ڀاءُ اطھر حسين شمسي گاڏي ۾ فوت ٿيندڙ پانڌيئڙن جي لسٽ موڪلي آهي، جنهن ۾ 28 ماڻهن جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي.
فوت ٿيندڙن ۾ عمران ڪلهوڙو، وفا عباس ظھير عباس، رخسانہ پروين، قربان حسين سميت 28 زائرين شامل آهن.
هوڏانهن فوت ٿيندڙن جي سڃاڻپ بعد سندن گهرن ۾ ڪهرام مچي ويو آهي.
ايران ۾ روڊ حادثي سبب فوت ٿيل 28 ڄڻن جا مڙهه اڄ ڏيهه آندا ويندا
لاڳاپيل خبرون
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
11.9
°
C
11.9
°
11.9
°
23%
1.1m/s
0%
خميس
14
°
جمعو
19
°
ڇنڇر
18
°
آچر
17
°
سُومر
17
°


