تازه ترين

ايس ايس پي شڪارپور  خالد مصطفيٰ ڪورائي ۽ ڊي  ايس پي خانپور مهدي رضا ٽالپر ۾ اختلاف ڇوٽ چڙهي ويا

ايس ايس پي شڪارپور  خالد مصطفيٰ ڪورائي ۽ ڊي  ايس پي خانپور مهدي رضا ٽالپر ۾ اختلاف ڇوٽ چڙهي ويا آهن.

ڊي ايس پي خانپور الزام هنيو آهي ته ڏوهارين سان ساٿاري اهلڪارن کي ايس ايس پي شڪارپور ويجهو  رکي ٿو.

مهدي رضا ٽالپر چيو ته ڪوٽا شاهو ٿاڻي تان پوليس ايس ايڇ او ۽ اهلڪار اغوا ٿي ويا، ان وقت ايس ايس پي کيس ويجهو اچڻ ئي نه ڏنو.

ڊي ايس پي خانپور الزام هنيو ته ايس ايس پي شڪارپور تيل جي مد ۾ ڪرپشن ڪري ٿو ۽ سندس تيل 600 لٽر بدران 250 لٽر ڏي ٿو، ايس ايس پي کيس گاريون به ڏيندو رهيو.

مهدي رضا ٽالپر چيو ته ايس ايس پي شڪارپور ٿاڻا ڏوهارين جي ساٿي اهلڪارن حوالي ڪري ڇڏيا آهن.

ڊي ايس پي خانپور چيو ته ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو جاويد جسڪاڻي  بهترين آفيسر آهي، جن مغوي ايس ايڇ او ۽ اهلڪارن کي بازياب ڪرايو.

مهدي رضا ٽالپر مطالبو ڪيو ته نااهل ۽ دماغي مريض کي شڪاپور مان هٽائي سٺو آفيسر کي مقرر ڪيو وڃي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
102,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
8.7 ° C
8.7 °
8.7 °
50 %
1.9kmh
5 %
سُومر
15 °
اڱارو
16 °
اربع
16 °
خميس
16 °
جمعو
14 °

تازه ترين خبرون