- Advertisement -
ايس ايس پي ملير جي هدايت تي اسٽيل ملز مان لوهه، ٽامو ۽ قيمتي سامان چوري ڪندڙ عنصرن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي، بن قاسم پوليس ڪارروائي ڪري ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري چوري ٿيل لوهه ۽ اسڪريپ هٿ ڪري ورتو.
ايس ايس پي ملير جي ترجمان موجب، بن قاسم پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي ٽن جوابدار خرم عرف خرمي، زاهد علي ۽ ساجد کي گرفتار ڪري ورتو.
ترجمان جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن وٽان 20 ڪلو کان وڌيڪ چوري ٿيل لوهه ۽ اسڪريپ هٿ ڪيو ويو آهي.
ايس ايس پي ملير جي ترجمان موجب، جوابدار چوري ٿيل اسڪريپ مختلف گودامن تي وڪرو ڪندا آهن، گرفتار جوابدار ختم گهڻي وقت کان روپوش هو.
ترجمان جو چوڻ آهي ته خرم اسٽيل ملز مان قيمتي لوهه ۽ ٻيو سامان چوري ڪرڻ ۾ ملوث رهيو آهي ۽ ڊگهي عرصي کان گرفتاري کان بچي رهيو هو.
ايس ايس پي ملير جي ترجمان موجب، گرفتار جوابدارن خلاف قانون موجب ڪارروائي جي شروعات ڪئي وئي آهي ۽ وڌيڪ جاچ جاري آهي.- Advertisement -
