ايشيا ڪپ جي وڏي مقابلي ۾ ڀارتي ٽيم پاڪستان کي ڪاميابي لاءِ 267 رنسن جو هدف ڏنو، جڏهن ته برسات سبب پاڪستان جي اننگز شروع نه ٿي سگهي ۽ ميچ ختم ڪئي وئي.
پاليڪيلي ۾ ڀارتي ٽيم جي ڪپتان روهت شرما ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ ڀارتي ٽيم 48 ڏهائي 5 اوورن ۾ 266 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي.
ڀارت طرفان هارديڪ پانڊيا 87 ۽ ايشان ڪشن 82 رنسن جي اننگز کيڏي، ڪپتان روهت شرما 11، شبمن گل 10، ويرات ڪوهلي 4، رويندرا جديجا ۽ شرياس ائير 14-14 رنس ٺاهيون.
پاڪستان طرفان شاهين آفريدي 4، نسيم شاهه ۽ حارث رئوف 3-3 وڪيٽون ورتيون.
ڀارت جي اننگز ختم ٿيڻ کانپوءِ برسات شروع ٿي وئي، جنهن کانپوءِ پاڪستان جي اننگز شروع نه ٿي سگهي ۽ ميچ ختم ڪندي ٻنهي ٽيمن کي هڪ – هڪ پوائنٽ ڏني وئي