ايف آءِ اي پنجاب پوليس کي گهربل جوابدار کي ڪراچي ايئرپورٽ تان گرفتار ڪري ورتو.
پنجاب واسي جوابدار عمر رضا ڪراچي ايئر پورٽ تان فرانس فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ته ايف آءِ اي اميگريشن جي ٽيم بنا دير حراست ۾ وٺي ڇڏيو.
ايف آءِ اي جو چوڻ آهي ته جوابدار خلاف قتل سميت مختلف ڪيس داخل هئا، جوابدار جو نالو گهربل جوابدارن جي لسٽ ۾ هو .
ايف آءِ اي جوابدار کي گرفتار ڪري پنجاب پوليس حوالي ڪري ڇڏيو جنهن کي پنجاب پوليس گجرانوالا کڻي وئي .