تازه ترين

ايلون مسڪ هڪ ڀيرو ٻيهر دنيا جو امير ترين شخص بڻجي ويو

امريڪا جي گاڏيون ٺاهيندڙ مشهور ڪمپني ٽيسلا جو مالڪ ايلون مسڪ هڪ ڀيرو ٻيهر دنيا جو امير ترين شخص بڻجي ويو .

بلومبرگ بلينرئر انڊيڪس موجب دنيا جي 500 امير ترين ماڻهن جي مجموعي دولت ۾ هن سال 1.5 ٽريلين ڊالر کان وڌيڪ اضافو ٿيو جنهن ۾ گذريل سال 1.4 ٽريلين ڊالر جي گهٽتائي ڏٺي وئي .

ٽيڪ ٽائيڪون ايلون مسڪ جي دولت هلندڙ سال 92 بلين ڊالر جي اضافي سان 232 بلين ڊالر تائين پهچي وئي آهي .

فرانس جي لگزري شيون ٺاهندڙ ڪمپني ايل وي ايم ايڇ جي مالڪ برنارڊ ارنالٽ جي اثاثن ۾ 126 ملين ڊالر جو اضافو ٿيو جنهن بعد سندس اثان جي مالڪ 179 ارب ڊالر ٿي وئي آهي، برنارڊ ارنالٽ دنيا جو ٻيو نمبر امير ترين شخص بڻجي ويو آهي .

ايمازون جي باني جيف بيزوس جي اثاثن ۾ 1.4 ارب ڊالر جي گهٽتائي ٿي آهي جنهن بعد هو 177 بلين ڊالر جي مجموعي ماليت سان گڏ ٽئين نمبر تي اچي ويو آهي.

ان لسٽ ۾ چوٿين نمبر تي مائيڪرو سافٽ جي باني بل گيٽس آهي جنهن جي اثاثن ۾ سال 2023 ۾ 217 ملين ڊالر جو اضافو ٿيو جنهن بعد سندس مجموعي دولت 141 ارب ڊالر تائين پهچي وئي آهي

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
123,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
13.8 ° C
13.8 °
13.8 °
21 %
1.6kmh
0 %
خميس
14 °
جمعو
17 °
ڇنڇر
17 °
آچر
17 °
سُومر
16 °

تازه ترين خبرون