تازه ترين

ايلون مسڪ هڪ ڀيرو ٻيهر دنيا جو امير ترين شخص بڻجي ويو

- Advertisement -
امريڪا جي گاڏيون ٺاهيندڙ مشهور ڪمپني ٽيسلا جو مالڪ ايلون مسڪ هڪ ڀيرو ٻيهر دنيا جو امير ترين شخص بڻجي ويو . بلومبرگ بلينرئر انڊيڪس موجب دنيا جي 500 امير ترين ماڻهن جي مجموعي دولت ۾ هن سال 1.5 ٽريلين ڊالر کان وڌيڪ اضافو ٿيو جنهن ۾ گذريل سال 1.4 ٽريلين ڊالر جي گهٽتائي ڏٺي وئي . ٽيڪ ٽائيڪون ايلون مسڪ جي دولت هلندڙ سال 92 بلين ڊالر جي اضافي سان 232 بلين ڊالر تائين پهچي وئي آهي . فرانس جي لگزري شيون ٺاهندڙ ڪمپني ايل وي ايم ايڇ جي مالڪ برنارڊ ارنالٽ جي اثاثن ۾ 126 ملين ڊالر جو اضافو ٿيو جنهن بعد سندس اثان جي مالڪ 179 ارب ڊالر ٿي وئي آهي، برنارڊ ارنالٽ دنيا جو ٻيو نمبر امير ترين شخص بڻجي ويو آهي . ايمازون جي باني جيف بيزوس جي اثاثن ۾ 1.4 ارب ڊالر جي گهٽتائي ٿي آهي جنهن بعد هو 177 بلين ڊالر جي مجموعي ماليت سان گڏ ٽئين نمبر تي اچي ويو آهي. ان لسٽ ۾ چوٿين نمبر تي مائيڪرو سافٽ جي باني بل گيٽس آهي جنهن جي اثاثن ۾ سال 2023 ۾ 217 ملين ڊالر جو اضافو ٿيو جنهن بعد سندس مجموعي دولت 141 ارب ڊالر تائين پهچي وئي آهي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.9 ° C
25.9 °
25.9 °
44 %
2.4kmh
1 %
ڇنڇر
33 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
32 °
اربع
32 °

تازه ترين خبرون