تازه ترين

ايندڙ ٻن کان ٽن هفتن ۾پي آءِ ايَ سميت خساري ۾ هلندڙ ادارن کي خانگايو ويندو: ڪامران ٽسوري

سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري چيو آهي ته ايندڙ ٻن کان ٽن هفتن ۾پي آءِ ايَ سميت خساري ۾ هلندڙ ادارن کي خانگايو ويندو، ڊالر جو اگهه 300 کان نه وڌندو.

گورنر هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪامران ٽسوري چيو ته ڊالر ٽي سئو کان هيٺ ايندو، وفاقي وزير پاڻ واپارين سان ملاقات لاءِ ڪراچي ايندا.

هن چيو ته آرمي چيف جي قدمن سان عوام ۽ ڪاروباري طبقي ۾ اعتماد وڌيو آهي، ملڪ ۾ جلد وڏي سيڙپڪاري ٿيندي.

ڪامران ٽسوري چيو ته ڪراچي سان جيڪو ظلم ٿي رهيو آهي، ان جو مثال نه ٿو ملي، ڪاروباري لڏي تي هاڻي ظلم برداشت نه ڪيو ويندو، هاڻي ڪو به سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي مان پيسا ڏئي نقشا پاس نه ڪرائي سگهندو.

سنڌ جي گورنر چيو ته وزيراعظم سان ملاقات ۾ ڪيترين ئي شين تي اتفاق ٿيو، 300 يونٽن تائين بجلي استعمال ڪندڙن کي رليف لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.

ڪامران ٽسوري چيو ته آرمي چيف جي قدمن سان ڊالر 20 کان 25 رپيا سستو ٿي ويو، سسٽم مافيا خلاف ڪريڪ ڊائون ضرور ٿيندو  ۽ سمگلنگ خلاف به آپريشن جاري رهندو، معاشي دهشتگردي خلاف جنگ جاري رهندي.

گورنر چيو ته پي آءِ اي کي خانگي اداري حوالي ڪرڻ لاءِ تياريون مڪمل ٿي چڪيون آهن، ٻن کان ٽن هفتن ۾ اهو عمل مڪمل ٿي ويندو

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,170FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
23.2 ° C
23.2 °
23.2 °
18 %
2.2kmh
0 %
ڇنڇر
23 °
آچر
27 °
سُومر
27 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °

تازه ترين خبرون