تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ايندڙ ٻن کان ٽن هفتن ۾پي آءِ ايَ سميت خساري ۾ هلندڙ ادارن کي خانگايو ويندو: ڪامران ٽسوري

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري چيو آهي ته ايندڙ ٻن کان ٽن هفتن ۾پي آءِ ايَ سميت خساري ۾ هلندڙ ادارن کي خانگايو ويندو، ڊالر جو اگهه 300 کان نه وڌندو.

گورنر هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪامران ٽسوري چيو ته ڊالر ٽي سئو کان هيٺ ايندو، وفاقي وزير پاڻ واپارين سان ملاقات لاءِ ڪراچي ايندا.

هن چيو ته آرمي چيف جي قدمن سان عوام ۽ ڪاروباري طبقي ۾ اعتماد وڌيو آهي، ملڪ ۾ جلد وڏي سيڙپڪاري ٿيندي.

ڪامران ٽسوري چيو ته ڪراچي سان جيڪو ظلم ٿي رهيو آهي، ان جو مثال نه ٿو ملي، ڪاروباري لڏي تي هاڻي ظلم برداشت نه ڪيو ويندو، هاڻي ڪو به سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي مان پيسا ڏئي نقشا پاس نه ڪرائي سگهندو.

سنڌ جي گورنر چيو ته وزيراعظم سان ملاقات ۾ ڪيترين ئي شين تي اتفاق ٿيو، 300 يونٽن تائين بجلي استعمال ڪندڙن کي رليف لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.

ڪامران ٽسوري چيو ته آرمي چيف جي قدمن سان ڊالر 20 کان 25 رپيا سستو ٿي ويو، سسٽم مافيا خلاف ڪريڪ ڊائون ضرور ٿيندو  ۽ سمگلنگ خلاف به آپريشن جاري رهندو، معاشي دهشتگردي خلاف جنگ جاري رهندي.

گورنر چيو ته پي آءِ اي کي خانگي اداري حوالي ڪرڻ لاءِ تياريون مڪمل ٿي چڪيون آهن، ٻن کان ٽن هفتن ۾ اهو عمل مڪمل ٿي ويندو

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
24.1 ° C
24.1 °
24.1 °
28 %
1.3kmh
39 %
آچر
24 °
سُومر
29 °
اڱارو
29 °
اربع
29 °
خميس
29 °

تازه ترين خبرون