تازه ترين

اي سي سي اجلاس؛ رمضان پيڪيج 2024، ڪڻڪ جي درآمد، اٽي جي برآمد جي منظوري

- Advertisement -
اقتصادي رابطا ڪميٽي رمضان پيڪيج 2024 ۽ ايڪسپورٽ فيسليٽيشن اسڪيم 2021 تحت ڪڻڪ ٻاهران گهرائڻ ۽ اٽو ٻاهر اماڻڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ناڻي واري نگران وفاقي وزير شمشاد اختر جي صدارت هيٺ ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي اجلاس ۾ 7 نقاطي ايجنڊا تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ ڪميٽي گاڏين جي عارضي طور ٻاهران گهرائڻ جي اجازت بابت امپورٽ پاليسي آرڊر 2022 ۾ ترميم ذريعي امپورٽ گهٽائڻ ايڪسپورٽ اسڪيم جي سمري جي منظوري ملتوي ڪري ڇڏي. اجلاس دوران ڪميٽي مختلف شعبن جي تجويزن تي ڪسٽمز ڊيوٽي ۾ ڦيرڦار بابت انفرادي ڪسٽمز ٽيرف ريشنلائيزيشن جي سمري ۽ ايڪسپورٽ فيليليٽيشن اسڪيم 2021 تحت ڪڻڪ ٻاهران گهرائڻ ۽ اٽو ٻاهر اماڻڻ جي منظوري ڏني. ڪميٽي پاران لاڳاپيل وزارتن کي هدايت ڪئي ته ويليو ايڊڊ ايڪسپورٽ وڌائڻ لاءِ جامع تجويزون تيار ڪيون وڃن. ڪميٽي ٻاهران گهرايل يوريا تي سبسڊي جي ففٽي ففٽي شيئرنگ جي بنياد تي وفاق جو حصو ادا ڪرڻ لاءِ واپار واري وزارت کي 6 ارب رپين جي ضمني گرانٽ جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني، صوبائي حڪومتن کي هدايت ڪئي ته اهي سبسڊي جي مد ۾ پنهنجي حصي جي بقايا فوري ادا ڪن. ڪميٽي جهم ايسٽ ايڪس ون بلاڪ مان نڪتل گئس جي ذخيرن مان فوجي فرٽيلائزر بن قاسم کي گيس جي فراهمي ملتوي ڪرڻ ۽ هڪ هزار 263 ميگاواٽ جي پنجاب ٿرمل پاور پلانٽ جھنگ جي ڪميشننگ جي سمري جي منظوري ڏني. اجلاس دوران رٿابندي واري وزارت ملڪ ۾ مهانگائي جي صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني. ڪميٽي رٿابندي واري وزارت کي هدايت ڪئي ته شماريات جي اداري جي انگن اکرن جي بنياد تي تفصيلي جائزه رپورٽ تيار ڪئي وڃي ۽ مهانگائي جي تدارڪ لاءِ ڪميٽي کي تجويزون پيش ڪيون وڃن. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته رمضان رليف پيڪيج تحت هلندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ مختص فنڊن مان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ٽارگيٽڊ مستحقن کي 7 ارب 49 ڪروڙ 92 لک رپين جي سبسڊي ڏني ويندي………..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
30 ° C
30 °
30 °
32 %
3kmh
0 %
اڱارو
30 °
اربع
32 °
خميس
31 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
36 °

تازه ترين خبرون