- Advertisement -
نوشهري فيروز جي عدالت نئين چونڊيل ايم اين اي عرفان ظفر لغاري ۽ قمبر لغاري سميت ستن ڄڻن جي ضمانت منظور ڪري ورتي، کين 10، 10 هزار رپين جا ضمانتي دستاويز جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
اي ٽي سي جج موڪل تي هجڻ سبب سيشن جج جي عدالت ۾ عرفان ظفر لغاري ۽ قمبر لغاري سميت 7 ڄڻن جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي.
عدالت 10-10 هزار رپين جي مچلڪن عيوض ستن ئي ڄڻن جي ضمانت منظوري ڪري ورتي.
ميه ۾ آر آو آفيس ۾ فائرنگ جو ڪيس قمبر لغاري، عرفان ظفر لغاري سميت 2سئو ماڻهن تي داخل ڪيو ويو هو…….- Advertisement -
