وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اپيليٽ ٽربيونلز ۾ بهترين ٽيلنٽ کي مقرر ڪري اوڳاڙي ڪيس فوري طور حل ڪيا وڃن، ان ڪم ۾ دير ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ان لينڊ روينيو اپيليٽ ٽربيونلز جي معاملن جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس ڪوٺايو ويو، اجلاس ۾ وزيراعظم عدالتن ۾ التوا ۾ پيل آمدني جي ڪيسن کي جلد کان جلد حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
وزيراعظم ايف بي آر کي آمدني ڪيسن کي جلد کان جلد حل ڪرڻ لاءِ فوري قدم کڻڻ جي به هدايت ڪئي.
وزيراعظم چيو ته اپيليٽ ٽربيونلز ۾ بهترين قابليت رکندڙ ماڻهن کي مقرر ڪري روينيو ڪيس جلدي حل ڪرڻ گهرجن، هن ڪم ۾ دير ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي، ايف بي آر سڌارن تي ڪم تيزي سان جاري آهي.
وزيراعظم چيو ته تازو ڪراچي ۾ فيس ليس اسسمنٽ نظام شروع ڪيو ويو آهي، جديد نظام سان ڪرپشن جو خاتمو ۽ ڪسٽم ڪليئرنس لاءِ گهربل وقت کي گهٽائي ڇڏيو.
وزيراعظم چيو ته اسين ملڪ ۽ قوم جي هڪ هڪ رپئي جي حفاظت ڪنداسين، ٽيڪس نه ڏيندڙن کان ٽيڪس گڏ ڪنداسين، غريبن تي اضافي ٽيڪس جو بار نه وجهنداسين.
اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، ناڻي واري وزير مملڪتي علي پرويز ملڪ، اٽارني جنرل ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.