- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اڄ اهي استادن جي قابل قدر ڪردار کي تسلم ڪرڻ لاءِ استادن جو عالمي ڏينهن ملهائڻ ۾ عالمي برادريءَ سان گڏ آهن.
استادن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پيغام ڏيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اڄ اهي انهن ماڻهن کي ڀيٽا پيش ڪن ٿا جن پاڪستان جو مستقبل سنوارڻ ۽ علم کي هٿي ڏيڻ جو عظيم مشن سرانجام ڏيڻ جي ذميواري کنئي آهي.
هن چيو ته ڪنهن به ملڪ جي ترقي بنيادي طور تي تعليم سان جڙيل هوندي آهي ۽ اها استادن جي اڻٿڪ محنت ئي آهي جيڪا نوجوان نسل ۾ ترقي ۽ خوشحالي جي تحريڪ ۽ لڳاءُ پيدا ڪري ٿي.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هو پاڪستان جي سمورن استادن جو ٿورائتو آهي جيڪي پنهنجي غير متزلزل عزم سان نوجوان ذهنن کي سنوارين ٿا.
هن چيو ته اهي سندن مستقبل جا معمار آهن ۽ علم تي ٻڌل معيشيت بڻجڻ جي مقصد لاءِ سندن لڳاءُ اڻٽر آهي.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان جي حڪومت استادن سان ڪيل پنهنجا واعدا پورا ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.
وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سندن مقصد هڪ اعليٰ ڪارڪردگي وارو تعليم نظام بڻائڻ آهي جيڪو شاگردن ۽ استادن کي تيزيءَ سان تبديل ٿيندڙ دنيا ۾ ترقيءَ جون منزلون طئي ڪرڻ جي قابل بڻائي.
وزيراعظم چيو ته اچو ته گڏجي پاڪستان جي مستقبل جي اڳواڻن کي تعليم جي زيور سان نوازڻ ۽ حوصلا افزائي ڪرڻ جي سندن مشن ۾ هنن جو سهڪار ڪرڻ لاءِ واعدو ڪريون.- Advertisement -
