- Advertisement -
جروار واسي ميگهواڙ برادري جو نينگر ٽن ڏينهن کان پراسرار طور گم ٿي ويو آهي، سندس وارث سخت پريشانيءَ ۾ مبتلا ٿي ويا آهن.
وارثن جو چوڻ آهي ته سندن نينگر انش ڪمار ٽن ڏينهن کان پراسرار طور گم آهي، ڳولا باوجود سندس ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي.
سندن چوڻ آهي ته ٽي ڏينهن اڳ نينگر ڪتاب خريد ڪرڻ لاءِ شهر وڃڻ جو چئي نڪتو جيڪو اڃا تائين واپس ناهي موٽيو.
هنن چيو ته مٽن مائٽن ۾ ڳولا ڪرڻ باوجود نينگر جو ڪوبه ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي، وس وارا پٽ جي ڳولا ۾ مدد ڪن.
جروار پوليس جو چوڻ آهي ته نينگر جي گم ٿيڻ بابت ساڻن ڪوبه رابطو نه ڪيو ويو آهي، وڌيڪ جاچ ڪن ٿا.- Advertisement -
