اڄ به پي ٽي آءِ وارن ڪجهه ٻيون ڳالهيون ڪيون ۽ بهانو بڻايو ته مشاورت ڪري رهيا آهن: راڻا ثناءُ الله

- Advertisement -
وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته سندس ذاتي راءِ آهي ته پي ٽي آءِ کي قائل نٿو ڪري سگھجي، متفق ٿيڻ يا ڳالهيون ڪرڻ پي ٽي آءِ جي سياست ئي ناهي، انهن کي اهو ئي ڪرڻو آهي جيڪو گذريل 10 سالن کان ڪندا پيا اچن. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته اڄ به پي ٽي آءِ وارن ڪجهه ٻيون ڳالهيون ڪيون ۽ بهانو بڻايو ته مشاورت ڪري رهيا آهن. هن چيو ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ متفق نه ٿي ته مولانا فضل الرحمان پنهنجو مسودو پيش ڪندو، اميد آهي ته مولانا فضل الرحمان پوئتي نه هٽندو، مولانا فضل الرحمان اڄ اجلاس ۾ ضرور ايندو ۽ ووٽ ڏيندو. راڻا ثناءُ الله وڌيڪ چيو ته ڪابينا جي راءِ هئي ته مولانا سان جنهن مسودي تي اتفاق ٿيو اهو پيش ڪيو وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.9 ° C
23.9 °
23.9 °
43%
5.7m/s
0%
اربع
24 °
خميس
31 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
28 °
آچر
30 °

تازه ترين خبرون