قومي اسيمبليءَ ۾ مولانا فضل الرحمان اتفاقِ راءِ وڌائيندو: عطا تارڙ

- Advertisement -
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته قومي اسيمبليءَ ۾ مولانا فضل الرحمان اتفاقِ راءِ وڌائيندو. اسلام آباد ۾ حنيف عباسي سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي عطا تارڙ چيو ته جمهوريت جو حسن کي صلاح مشورا آهي، پي ٽي آءِ وفد پنهنجي بانيءَ سان ملاقات ڪئي آهي. هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداريءَ وزيراعظم سان ملاقات ڪئي، سموري قوم کي اميد آهي ته مولانا اتفاقِ راءِ وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو، سياسي صلاح مشوري جو عمل جاري آهي. عطا تارڙ چيو ته پنجاب ۾ شاگردن جي احتجاج دوران هڪ سڪيورٽي گارڊ به حياتي وڃائي ويٺو، ان ڊي ايس پي کي سلام پيش ڪيو وڃي جيڪو مظاهرو ڪندڙن کي چوي پيو ته هو ساڻن گڏ آهي. وفاقي وزير چيو ته سوشل ميڊيا تي هڪ منظم مهم هلائي وئي، احتجاج ۾ ڪير ڪير شامل هئا، سڀ ٽريس ٿي چڪو آهي، انهن خلاف ڪارروائي ٿيندي. ن ليگ اڳواڻ حنيف عباسي چيو ته وڏي رٿابندي سان پاڪستان تي حملو ڪيو پيو وڃي، اتفاقِ راءِ لاءِ جيڪو به ٿي رهيو آهي اهو ملڪ لاءِ بهتر آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ ڏڦيڙ واري سياست هلڻ نه ڏنو ويندو، پاڪستان جي ادارن کي ڪمزور ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
27.9 ° C
27.9 °
27.9 °
35%
4.1m/s
16%
اڱارو
28 °
اربع
32 °
خميس
32 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
29 °

تازه ترين خبرون