تازه ترين

اڳوڻي صوبائي صلاحڪار اسماعيل ڏاهري کي حيدرآباد جي عدالت ۾ پيش

- Advertisement -
پيلپز پارٽي اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي صلاحڪار اسماعيل ڏاهري کي حيدرآباد جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، اسماعيل ڏاهري عدالت کي اپيل ڪئي ته سندس حياتي بچائي وڃي سندس حياتي کي خطرو آهي کيس جيل ۾ سخت تشدد ڪري قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. عدالتي حڪم تي اڳوڻي صوبائي صلاحڪار اسماعيل ڏاهري کي فرسٽ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ سيشن جج اينڊ جوڊيشل مئجسٽريٽ حيدرآباد جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. پيشي کان پوءِ عدالت ٻاهران سنڌ ٽي وي نيوز سان ڳالهائيندي اسماعيل ڏاهري چيو ته کيس صوبائي وزير ضياءُ لنجار جي چرچ تي حيدرآباد ۽ نوابشاهه ۾ مختلف ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسايو ويو آهي. هن چيو ته کيس هڪ جيل کان ٻئي جيل يا وري ٻئي هنڌ منتقل ڪيو وڃي ٿو، جڏهن ته جيل ۾ کيس ڪنهن به قسم جي ڪابه سهولت ملڻ بدران کيس تشدد جو نشانو بڻايو وڃي ٿو. هن چيو ته کيس قتل ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي جنهن ۾ حيدرآباد پوليس جا آفيسر توڙي جيل اهلڪار ملوث آهن. اسماعيل ڏاهري جي وڪيل ايڊووڪيٽ فرهاد ابڙو سنڌ ٽي وي نيوز کي ٻڌايو ته اسماعيل ڏاهري جي منشيات ڪيس ۾ ضمانت ٿيل هئي. نواب شاهه ۾ هڪ ٻيو ڪوڙو ڪيس ظاهر ڪري کيس سينٽرل جيل انتظاميه غيرقانوني طور نوابشاهه پوليس حوالي ڪري ڇڏيو هو. هن ٻڌايو ته عدالت کي درخواست ڪئي آهي ۽ ميڊيڪل رپورٽس پڻ جمع ڪرايون آهن ۽ هاءِ ڪورٽ ۾ پڻ ڪانسٽيٽيوشنل پٽيشن داخل ڪرائي آهي. واضح رهي ته اسماعيل ڏاهري کي حيدرآباد جي اي سيڪشن پوليس 5 ڪلو چرس رکڻ جي ڏوهه ۾ گرفتار ڪيو هو، نوابشاهه ۾ پڻ هڪ عورت پاران اسماعيل ڏاهري خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.3 ° C
25.3 °
25.3 °
47 %
2.4kmh
1 %
خميس
32 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
33 °
آچر
35 °
سُومر
32 °

تازه ترين خبرون