- Advertisement -
پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ 2 ارب ڊالر جي معاهدن تي صحين جو امڪان آهي.
سعودي عرب جو سيڙپڪاريءَ وارو وزير انجنيئر خالد بن عبدالعزيز الفليح سڀاڻي پاڪستان جي دوري تي اچي رهيو آهي، جتي وزيراعظم شهبازشريف سعودي وفد جي اعزاز ۾ آجياڻو ڏيندو.
سعودي وفد 11 آڪٽوبر کي نيشنل ايرو اسپيس سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ جو دورو ڪندو، فوجي عملدار به سعودي وفد جون ملاقاتون 11 آڪٽوبر تي ٿيڻ جو امڪان آهي.
سعودي وزير پاڪستان هم منصبن سان مفاهمتي يادداشتن تي صحيح ڪندو ۽ سندس اختيارين سان ملاقاتون به ٿينديون.
سعودي وزير سان گڏ ايندڙ وفد ۾ ڪنسٽرڪشن، انجنيئرنگ، فنانشل سروسز، آءِ ٽي، باسپيٽيلٽي، ايگريڪلچر، فوڊ انرجي ۽ پئٽروليم جي سعودي ڪمپنين جا نمائندا به شامل ٿيندا.- Advertisement -
