- Advertisement -
پيلپز پارٽي اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي صلاحڪار اسماعيل ڏاهري کي حيدرآباد جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، اسماعيل ڏاهري عدالت کي اپيل ڪئي ته سندس حياتي بچائي وڃي سندس حياتي کي خطرو آهي کيس جيل ۾ سخت تشدد ڪري قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.
عدالتي حڪم تي اڳوڻي صوبائي صلاحڪار اسماعيل ڏاهري کي فرسٽ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ سيشن جج اينڊ جوڊيشل مئجسٽريٽ حيدرآباد جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.
پيشي کان پوءِ عدالت ٻاهران سنڌ ٽي وي نيوز سان ڳالهائيندي اسماعيل ڏاهري چيو ته کيس صوبائي وزير ضياءُ لنجار جي چرچ تي حيدرآباد ۽ نوابشاهه ۾ مختلف ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسايو ويو آهي.
هن چيو ته کيس هڪ جيل کان ٻئي جيل يا وري ٻئي هنڌ منتقل ڪيو وڃي ٿو، جڏهن ته جيل ۾ کيس ڪنهن به قسم جي ڪابه سهولت ملڻ بدران کيس تشدد جو نشانو بڻايو وڃي ٿو.
هن چيو ته کيس قتل ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي جنهن ۾ حيدرآباد پوليس جا آفيسر توڙي جيل اهلڪار ملوث آهن.
اسماعيل ڏاهري جي وڪيل ايڊووڪيٽ فرهاد ابڙو سنڌ ٽي وي نيوز کي ٻڌايو ته اسماعيل ڏاهري جي منشيات ڪيس ۾ ضمانت ٿيل هئي. نواب شاهه ۾ هڪ ٻيو ڪوڙو ڪيس ظاهر ڪري کيس سينٽرل جيل انتظاميه غيرقانوني طور نوابشاهه پوليس حوالي ڪري ڇڏيو هو.
هن ٻڌايو ته عدالت کي درخواست ڪئي آهي ۽ ميڊيڪل رپورٽس پڻ جمع ڪرايون آهن ۽ هاءِ ڪورٽ ۾ پڻ ڪانسٽيٽيوشنل پٽيشن داخل ڪرائي آهي.
واضح رهي ته اسماعيل ڏاهري کي حيدرآباد جي اي سيڪشن پوليس 5 ڪلو چرس رکڻ جي ڏوهه ۾ گرفتار ڪيو هو، نوابشاهه ۾ پڻ هڪ عورت پاران اسماعيل ڏاهري خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي.- Advertisement -
