- Advertisement -
لاهور جي مقامي عدالت پنجاب اسيمبليءَ جي پرنسل سيڪريٽري ڀرتي ڪيس ۾ اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جي ضمانت منظور ڪري ورتي.
لاهور جي مقامي عدالت پنجاب اسيمبليءَ جي پرنسل سيڪريٽري ڀرتي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
ٻڌڻي دوران پرويز الاهي جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته جوڊيشل مئجسٽريٽ، محمد خان ڀٽي کي ڪيس مان ڊسچارج ڪيو، چوڌري پرويز الاهي جي وڏو وزير بڻجڻ کان پهريان پرنسپل سيڪريٽري جو نوٽيفڪيشن ٿيو.
عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد پرويز الاهي جي ضمانت منظور ڪندي کيس هڪ لک رپين جا ضمانت ڪاغذ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.- Advertisement -
