تازه ترين

باجوڙ ۾ سڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران هڪ جوان شهيد ۽ چار دهشتگرد مارجي ويا

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

خيبرپختونخوا جي علائقي باجوڙ ۾ سڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران هڪ جوان شهيد ۽ چار دهشتگرد مارجي ويا.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته باجوڙ واري علائقي چارمنگ ۾ سڪيورٽي فورسز انٽيليجنس بنياد تي آپريشن ڪيو.

آءِ ايس پي آر موجب، سڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران دهشتگردن سان وڙهندي سپاهي محمد شعيب شهيد ٿي ويو.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سڪيورٽي فورسز جي فائرنگ ۾ چار دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته هڪ دهشتگرد کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

آءِ ايس پي آر موجب، دهشتگردن وٽان آپگهاي جيڪٽ، هٿيار، گولا بارود ۽ ڌماڪيدار مادو هٿ ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته دهشتگرد سڪيورٽي فورسز خلاف ڪيترين ئي ڪاررواين ۽ بيگناهه شهرين جي قتل ۾ ملوث هئا.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
32.8 ° C
32.8 °
32.8 °
24 %
4.8kmh
0 %
اڱارو
32 °
اربع
32 °
خميس
31 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
36 °

تازه ترين خبرون