تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

تنقيد جي سياست ختم ڪري ترقي جي سياست ڪرڻي آهي: مرتضيٰ وهاب

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

ڪراچيءَ جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته تنقيد جي سياست ختم ڪري ترقي جي سياست ڪرڻي آهي، ڪراچي شهر کي وڌيڪ يرغمال بڻجڻ نه ڏنو ويندو، ڪراچيءَ کي هر روز هڪ نئون منصوبو ڏنو ويندو، سڀاڻي وڌيڪ ٻن منصوبن جو افتتاح ڪيو ويندو، شهرين جا حق منصوبن جي صورت ۾ موٽائي رهيا آهن.

ڪراچيءَ جي علائقي ڪورنگي ۾ ڀٽائي ڪالوني ۾ پارڪ جو افتتاح ڪرڻ بعد ڊپٽي ميئر سلمان عبدالله مراد ۽ ٻين سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪراچي شهر جا مسئلا حل ڪرڻ تي ڌيان آهي، هو اختيارن جو راڳ نه ڳائيندا نه ئي فائل اڇلائيندا.

سندس چوڻ هو ته چئن ورهين ۾ رڳو ڪم ٿيندو، جتان هو ڪامياب ناهن ٿيا تي به ڪم ڪري رهيا آهن، ڪراچي شهر کي هر روز هڪ نئون منصوبو ڏيندا.

ڪراچيءَ جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو ته سڀاڻي وڌيڪ ٻن منصوبن جو افتتاح ڪيو ويندو، شهرين جا حق منصوبن جي صورت ۾ موٽائي رهيا آهن.

هن چيو ته شهر ۾ جتي به غيرقانوني هائڊرينٽ آهن ڪارروائي ٿيندي، مافيا سان ويڙهه ڪرڻ ڪو آسان ڪم ناهي. ڪراچيءَ جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو ته تنقيد جي سياست ڇڏي ترقي جي سياست تي ڌيان ڏيڻو آهي، ڪراچي شهر سڀني جو آهي شهر کي وڌيڪ يرغمال بڻجڻ نه ڏنو ويندو.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22.1 ° C
22.1 °
22.1 °
24 %
1.1kmh
0 %
سُومر
22 °
اڱارو
28 °
اربع
28 °
خميس
29 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون