تازه ترين

باقراڻي ويجهو گوٺ درگاهه مشوري ۾ مرشد جي حويلي مان پراسرار طور گم ٿيل نينگري ڊرامائي انداز ۾ هٿ

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

باقراڻي ويجهو گوٺ درگاهه مشوري شريف ۾ مرشد جي حويلي مان پراسرار نموني گم ٿيل نينگري ميڊيا تي خبرون هلڻ بعد ڊرامائي انداز ۾ هٿ اچي وئي آهي.

ڇنڇر ڏينهن ڳوٺ درگاهه مشوري شريف ۾ خليل الرحمان مشوري جي گهر ۾ ڪم ڪندڙ ڳوٺ قائم علي چانڊيو جي رهواسڻ 13 ورهين جي راحيلا چانڊيو پراسرار نموني گم ٿي وئي هئي.

نينگري جي پ پ اڳواڻ محمد محسن مشوري سان گڏ هٿ اچڻ واري تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي.

رابطو ڪرڻ تي پ پ اڳواڻ محمد محسن مشوري ٻڌايو ته رات دير سان راحيلا چانڊيو کي سندس مامن وٽان هٿ ڪري ورتو آهي، نينگري هن وقت والدين سان گڏ درگاهه تي موجود آهي.

باقراڻي پوليس جو چوڻ آهي ته نينگري کي بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

راحيلا چانڊيو جي گم ٿيڻ بعد سرڪاري فرياد تي اڻڄاتل ماڻهن خلاف اغوا جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
30.9 ° C
30.9 °
30.9 °
29 %
4.9kmh
0 %
ڇنڇر
30 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
33 °
اربع
33 °

تازه ترين خبرون