تازه ترين

بلديا سانحي ڪيس : حماد صديقي جو سڃاڻپ ڪارڊ، پاسپورٽ بلاڪ ڪرڻ ۽ بئنڪ اڪائونٽ بند ڪرڻ جو حڪم

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

سنڌ هائيڪورٽ بلديا سانحي ڪيس ۾ نامزد جوابدار حماد صديقي سميت ٽن جوابدارن جا سڃاڻپ ڪارڊ، پاسپورٽ بلاڪ ۽ بئنڪ اڪائونٽس بلاڪ ڪرڻ سميت انٽرپول ذريعي ڏيهه آڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

سنڌ هائيڪورٽ ۾ بلديا سانحي ڪيس ۾ نامزد جوابدار حماد صديقي سميت ٽن  کي ڏيهه آڻڻ واري معاملي جي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران وفاقي گھرو کاتي جو اسپيشل سيڪريٽري، چيف سيڪريٽري سنڌ، سيڪريٽري ليبر، سيڪريٽري انڊسٽريز، گھرو کاتي سنڌ جو فوڪل پرسن، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ، ڊپٽي اٽارني جنرل، ڊي آءِ جي ڏکڻ ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا.

عدالت جوابدار حماد صديق سميت ٽن روپوش جوابدارن کي ڏيهه واپس نه آڻڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

وفاقي گھرو کاتي پاران حماد صديقي سميت ٽن مفرور جوابدارن  بابت رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وئي.

عدالت سوال ڪيو ته حماد صديقي جو سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ بلاڪ ڪيا ويا؟ جنهن تي گهرو سيڪريٽري چيو ته حماد صديقي جي پاسپورٽ جو مدو ختم ٿي چڪو آهي.

عدالت حماد صديقي، تقي حيدر شاھه ۽ خرم نثار جا سڃاڻپ ڪارڊ، پاسپورٽ ۽ بينڪ اڪائونٽس بلاڪ ڪرڻ سميت انٽرپول ذريعي پاڪستان آڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

عدالت چيو ته حماد صديقي آخري ڀيرو پاڪستان لينڊ ڪرڻ جا تفصيل پيش ڪيا وڃن.

عدالت پيش نه ٿيڻ تي پرڏيهي سيڪريٽري کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي نادرا ۽ پرڏيھي سيڪريٽري کان 2 آڪٽوبر تائين رپورٽ طلب ڪري ورتي………

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
10 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
31.9 ° C
31.9 °
31.9 °
26 %
3.2kmh
0 %
ڇنڇر
33 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
32 °
اربع
32 °

تازه ترين خبرون