تازه ترين

بالي ووڊ ميگا اسٽار سلمان خان تي ڪار ۾ حملي جي رٿابندي جو انڪشاف

- Advertisement -
بالي ووڊ جي ميگا اسٽار سلمان خان کي سندس ڪار ۾ نشانو بڻائڻ جي منصوبي جو انڪشاف ٿيو آهي. ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب، ممبئي پوليس ناليواري اداڪار سلمان خان تي حملي جي هڪ ٻي سازش جو پتو لڳايو آهي جنهن ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته لارنس نشنوئي ٽولو بالي ووڊ اسٽار اداڪار کي مهاراشٽر جي علائقي پنويل ۾ سندس فارم هائوس ڀرسان گاڏي ۾ نشانو بڻائڻ جي منصوبابندي ڪري رهيو آهي. ڀارتي ميڊيا رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته سلمان خان تي حملي جي رٿابندي ڪرڻ جي الزام ۾ 4 ڄڻن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ان کان اڳ 14 اپريل تي ٻن موٽر سائيڪل سوارن ممبئي جي علائقي بيندره ۾ سلمان خان جي گهر تي فائرنگ ڪئي هئي جڏهن ته فائرنگ ڪندڙن کي گرفتار ڪيو ويو هو. بالي ووڊ جي ناليواري اداڪار سلمان خان کي گينگسٽر لارنس بشنوئي قتل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آهي، لارنس بشنوئي ٽولي جو مطالبو آهي ته سلمان خان ڪاري هرڻ مارڻ تي معافي وٺي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
27 ° C
27 °
27 °
42 %
2.8kmh
20 %
اربع
26 °
خميس
32 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
33 °
آچر
35 °

تازه ترين خبرون