- Advertisement -
وفاقي وزير مصدق ملڪ چيو آهي ته مسئلن جو حل ڳالهيون آهن، بغاوت ڇڏي ۽ ٽوئٽ ڊليٽ ڪري ڳالهيون ڪيون وڃن، پي ٽي آءِ سياست کي بدنام ڪري ڇڏيو آهي.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مصدق ملڪ چيو ته سني اتحاد ڪائونسل جي دوستن کي ڪڏهن به دشمن ناهي چيو، پاڪستان ۾استحڪام لاءِ سياست اهم آهي.
هن چيو ته مسئلن جو حل ڊائلاگ آهي، پر ٻئي پاسي قبر تائين پهچائڻ جون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن.
وفاقي وزير چيو ته رئوف حسن تي حملو غيرمناسب آهي، واقعي جي جاچ ٿيڻ گهرجي، حملو ڪندڙن کي انجام تائين پهچايو ويندو.
مصدق ملڪ چيو ته نوازشريف چيو هو ته هو ملڪ کي ترقي وٺرائڻ چاهن ٿا، هڪ پارٽيءَ کانسواءِ هو سڀني سان گڏجي سياست ڪري رهيا آهن.
ن ليگ سينيٽر چيو ته ن ليگ سدائين معيشت کي اڳتي وڌائڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، هو ته ميثاق معيشت جي ڳالهه ڪندا آهن، پيپلزپارٽيءَ پي ٽي آءِ کي چيو ته حڪومت ٺاهيو هو مخالف ڌر ۾ ويهن ٿا.
وفاقي وزير چيو ته ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو گهٽ ٿيو آهي، ٽيڪس وصولي 30 سيڪڙو وڌي آهي، پرڏيهي سيڙپڪار ملڪ ۾ ڪاروبار لاءِ تيار آهن.
مصدق ملڪ چيو ته نيلم جهلم پن بجلي منصوبي جي ٽنل ۾ ٻيو ڀيرو خرابي ٿي، جنهن جي انڪوائري شروع ٿي چڪي آهي ته ايڏي مهانگي منصوبي تي ٻيهر ائين ڇو ٿيو؟.- Advertisement -
