بالي ووڊ اداڪار سيف علي خان ۽ ڪرينا ڪپور جي گهر ۾ ڦر جي ڪوشش ڪئي وئي، جڏهن ته مزاحمت تي اداڪار زخمي ٿي پيو آهي.
ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب، رات اڍائي وڳي ممبئي جي علائقي باندرا ۾ بالي ووڊ اداڪار سيف علي خان ۽ ڪرينا ڪپور جي گهر ۾ اڻڄاتل شخص چوري جي اداري سان داخل ٿيو.
ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته اداڪار سيف علي خان مزاحمت ڪئي ته جوابدار کيس چاقو جا وار ڪري زخمي ڪري ڇڏيو آهي.
ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب، اداڪار سيف علي خان کي ليلاوتي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي سندس علاج هلندڙ آهي.
ڊاڪٽر جو چوڻ آهي ته اداڪار سيف علي خان جو آپريشن ڪيو ويو آهي، کيس چاقو جي وار سان 6 زخم رسيا، جن ۾ 2 وڌيڪ گَهِرا آهن، جن مان هڪ ڪرنگهي جي هڏي ويجهو هو.
پوليس موجب، واقعي جي جاچ جاري آهي، جڏهن ته گهرڀاتين جا بيان به رڪارڊ ڪيا پيا وڃن ۽ سي سي ٽي وي ڪيمرائن جي مدد سان جوابدار جي سڃاڻپ جو عمل جاري آهي………….