تازه ترين

بجلي جي اگهن ۾ 10 رپيا في يونٽ گهٽتائي لاءِ مختلف قدم کنيا پيا وڃن:اويس لغاري

- Advertisement -
توانائي واري وفاقي وزير اويس لغاري چيو آهي ته بجلي جي اگهن ۾ 10 رپيا في يونٽ گهٽتائي لاءِ مختلف قدم کنيا پيا وڃن، بجلي پيداواري ڪمپنين سان صلاح مشوري بعد اگهه گهٽايا ويندا، بجلي سيڪٽر جي خريد ۽ وڪري لاءِ آزاد ماحول پيدا ڪيو پيو وڃي، بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي ضروري آهي ته جيئن عوام کي رليف ملي سگهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي توانائي واري وفاقي وزير اويس لغاري چيو ته حڪومت جو فيصلو هو ته بجلي ۽ توانائي جا اگهه ماڻهن جي پهچ ۾ آندا وڃن، ملڪ ۾ بجلي جو اگهه 10 رپيا في يونٽ گهٽ ٿيڻ گهرجي، قدم کنيا پيا وڃن ڪنهن سان بجلي جي قيمت گهٽ ڪئي ويندي. هن چيو ته آءِ پي پيز سان معاهدن تي ڳالهائڻ هڪ اهم حصو هو، هنن ڏٺو ته ڪهڙن پلانٽن جي ضرورت آهي. اويس لغاري چيو ته هو پنهنجي ٽيم کي ڀيٽا پيش ڪري ٿو، حڪومتي قدمن سان 17 ارب رپيا بچت ڪئي وئي، هو آءِ پي پيز مالڪن جا به ٿورا مڃي ٿو، هنن 411 ارب رپيا بچت عملي طور ڪري  ڏيکاري آهي. وفاقي وزير چيو ته بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي ضروري آهي ته جيئن عوام کي رليف ملي سگهي، آرمي چيف ٽاسڪ فورس ۾ پنهنجي ادارن جي حمايت يقيني بڻائي، بجلي سيڪٽر ۾ گهڻن سڌارن جي ضرورت آهي. اويس لغاري چيو ته معاهدي تي ڪجهه ڏينهن ۾ عمل ڪيو ويندو، بجلي جي پيداواري ڪمپنين سان صلاح مشوري اگهه گهٽايا ويندا. وفاقي وزير چيو ته هڪ اهڙو ادارو قائم ٿي رهيو آهي، جنهن جي منظوري ڪابينا ۾ ڏني وئي، جهڙيءَ ريت شيئر خريد ڪيا ويندا آهن، مستقبل اهڙي نموني بجلي خريد ڪري سگهبي. اويس لغاري چيو ته هاڻي بجلي خريدار رڳو سينٽرل پرچيزنگ ايجنسي جي رحم ڪرم تي نه رهندا، بجلي سيڪٽر جي خريد ۽ وڪري لاءِ آزاد ماحول پيدا ڪيو پيو وڃي. وفاقي وزير چيو ته حيدرآباد، ڪوئيٽا ۽  سکر جي ڊسڪوز جو نقصان ٽن مهينن ۾ وڌيو اهي، سياريَ جي مند ۾ بجلي جي استعمال کي وڌائڻ لاءِ هڪ پروگرام سوچو پيو وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
27 ° C
27 °
27 °
42 %
2.8kmh
20 %
اربع
26 °
خميس
32 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
33 °
آچر
35 °

تازه ترين خبرون