تازه ترين

سنڌ ھيومن رائيٽس ڪميشن ڊاڪٽر شاھنواز جو قتل عدالت کان مٿڀرو قرار ڏئي ڇڏيو

- Advertisement -
سنڌ ھيومن رائيٽس ڪميشن ڊاڪٽر شاھنواز جو قتل عدالت کان مٿڀرو قرار ڏيندي ڊاڪٽر جي مڙھ جو مڪمل پوسٽ مارٽم رپورٽ نھ ڪرائڻ، سندس خلاف داخل ڪيس بنا ايف آءِ اي جاچ جي داخل ڪرڻ سميت پوليس جي ڪارڪردگيءَ بابت ڪيترائي سوال اٿاريا آهن. سنڌ ھيومن رائيٽس ڪميشن، ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي قتل ڪيس بابت پنھنجي جاچ رپورٽ سنڌ حڪومت کي ڏيڻ سان گڏوگڏ عوام لاءِ پڻ پڌري ڪري ڇڏي آھي. ميرپورخاص ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ ھيومن رائيٽس ڪميشن جي چيئرمين اقبال ڏيٿو ۽ ڪميشن جي ميمبر ظھير ٺاڪر چيو تھ ڊاڪٽر شاھنواز تي جيڪي سوشل ميڊيا ذريعي الزام لڳا ھئا، انھن جي جاچ ايف آءِ اي کان ڪرائڻ کانسواءِ ئي مٿس ڪيس داخل ڪيو ويو. هن چيو ته ايف آءِ آر ۾ فيس بڪ آءِ ڊي شاھنواز شاھ جي ڏيکاريل آھي ۽ ڪارروائي ڪري شاھنواز ڪنڀر خلاف ڪئي وئي آھي. اقبال ڏيٿو چيو تھ عمرڪوٽ ۾ احتجاجن دوران ايس ايس پي عمرڪوٽ آصف رضا بلوچ جي تقرير رولز جي خلاف ھئي. سندس چوڻ هو ته ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ تضاد آھن، ڇاڪاڻ جو پوسٽ مارٽم مڪمل طريقي سان نھ ڪرائي ويو آهي. اقبال ڏيٿو چيوته ان ڏس ۾ ميڊيڪل بورڊ جڙڻ گھرجي تھ تشدد سبب سندس ھڏ وغيرھ ٽٽل تھ ناھن. هن تھ واقعي جي پھرئين ڏينھن جڏھن ڪميشن پاران ڊي آءِ جي ميرپورخاص، ايس ايس پي ميرپورخاص ۽ ايس ايس پي عمرڪوٽ کان بيان ورتا ويا تھ ھنن ڊاڪٽر شاھنواز سندن ڪسٽڊي ۾ ھئڻ کان انڪار ڪيو. اقبال ڏيٿي چيو ته آءِ جي پاران جوڙيل ٽيم اڳيان ھنن ان ڳالھه جو اعتراف ڪيو آھي تھ ڊاڪٽر کي ڪراچي مان گرفتار ڪيو ويو. سنڌ هيومن رائٽس ڪميشن جي چيئرمين چيو تھ رپورٽ ۾ اھو پڻ ظاھر ٿيو آھي تھ ڪراچي مان جڏھن ڊاڪٽر کي گرفتار ڪيو ويو تھ ان جي انٽري ڪراچي پوليس وٽ نھ رکرائي وئي، جيڪو ھڪ غير قانوني عمل آھي. ھن چيو تھ جيڪڏھن عمرڪوٽ ۾ حالتون خراب ھيون تھ ڊاڪٽر شاھنواز جو ٽرانسز رمانڊ ڪراچي مان ئي وٺي سگھجي پيو، ھتي کڻي اچڻ جي ڪھڙي ضرورت ھئي؟ اقبال ڏيٿيَ چيو ته رپورٽ ۾ سوال اٿاريو ويو آھي تھ آخر ڪھڙن بنيادن تي عمرڪوٽ پوليس ڊاڪٽر شاھنواز کي ميرپورخاص پوليس حوالي ڪيو؟ ان ڏس ۾ ڪھڙيون قانوني گهرجون پوريون ڪيون ويون ھيون؟ سنڌ ھيومن رائيٽس ڪميشن جي رپورٽ ۾ اھو پڻ ڄاڻايو ويو آھي تھ آءِ جي سنڌ جي جاچ ڪميٽي جي رپورٽ ۾ ڪنھن کي بھ جوابدار قرار ناھي ڏنو ويو. رپورٽ موجب ڪھڙي پوليس آفيسر جو قتل ڪرڻ ۾ ڪھڙو ڪردار ھو اھو ظاھر ناھي ڪيو ويو. اقبال ڏيٿو رپورٽ پڌري ڪندي چيو تھ ڊاڪٽر شاھنواز جي قتل ۾ پوليس جي ناڪامي نظر اچي رهيو آهي. رپورٽ موجب پوليس پاران وڳوڙين خلاف جيڪا ايف آءِ آر ڪاٽي وئي آھي، ان ۾ نفرت انگيز تقريرون ڪرڻ،  غلط ڄاڻ پکيڙڻ، ماڻھن کي ورغلائڻ ۽ لائوڊ اسپيڪر جو غلط طريقي سان استعمال ڪرڻ وارا قلم لاڳو ناھن ڪيا ويا. رپورٽ موجب ساڳيءَ ريت جيڪڏھن ڪيس ۾ شاھدن تي ڪٿي دٻاءُ اچي ٿو ۽ اھي پنھنجي بيان تان ڦرن تان ٿا تھ اھڙن ڪيسن کي ھينڊل ڪرڻ لاءِ وڳوڙ پکيڙڻ وارو قلم 311 لاڳو ناھي ڪيو ويو. هيومن رائيٽس ڪميشن جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو تھ جڏھن ڊاڪٽر شاھنواز جو لاش عمرڪوٽ آندو ويو تھ ھڪ منظم ٿيل گروھ ھو، جنھن ڪفن جي عمل ۾ رڪاوٽون وڌيون ۽ اھڙي عمل خلاف پاڪستان ۾ قانون جڙيل آھن. اقبال ڏيٿيَ ٻڌايو ته رپورٽ ۾ سنڌ حڪومت کي اھا پڻ تجويز ڏني وئي تھ ضلعن ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ جيڪي امن ڪميٽيون جڙيل آھن، انھن تي نثرثاني ڪري کين فعال بڻايو وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
29.1 ° C
29.1 °
29.1 °
33 %
3.7kmh
23 %
اربع
29 °
خميس
32 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
32 °
آچر
34 °

تازه ترين خبرون