بجلي جي بلن ۾ ڳري اضافي ۽ ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي خلاف واپاري مسلسل سراپا احتجاج بڻيل آهن جڏهن ته سنڌ جي مختلف شهرن ۾ واپارين جي سڏ تي شٽربند هڙتال ڪئي وئي آهي.
سکر ۾ بجلي جي بلن ۾ ڳري اضافي ۽ ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي خلاف شٽربند هڙتال ڪئي وئي.
انجمن تاجران ۽ سمال ٽريڊرس اڳواڻن جي سڏ تي شاهي بازار، صرافا بازار، مشن روڊ، شهيد گنج ۽ گهنٽا گهر سميت ننڍا وڏا ڪاروباري مرڪز مڪمل طور بند رهيا.
ميرپورخاص ۾ واپارين جي سڏ تي ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي ۽ بجلي جي بلن ۾ ڳري اضافي خلاف شٽربند هڙتال ڪئي وئي.
مارڪيٽ چوڪ، بلديا مارڪيٽ، کسڪ پورا، شاھي بازار، پوسٽ آفيس چوڪ، اليڪٽرانڪ مارڪيٽ، صرافا بازار، سبزي منڊي، جرواري چوڪ ۽ چاندني چوڪ سميت ننڍا وڏا ڪاروباري مرڪز مڪمل بند رهيا جڏھن ته پيٽرول پمپ ۽ سي اين جي اسٽيشنن بند هئڻ سبب روڊن تي ٽريفڪ معمول کان گهٽ رهي.
ٽنڊي الهيار ۾ واپارين جي سڏ تي ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي ۽ بجلي جي ڳرن بلن خلاف شٽربند هڙتال ڪئي وئي.
شهر ۾ شٽربند هڙتال سبب مک بازار، چوڙي بازار ۽ اسٽيشن روڊ سميت ننڍا وڏا ڪاروباري مرڪز مڪمل طور بند رهيا.
نصرپور ۾ واپارين جي سڏ تي ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي ۽ بجلي جي بلن ۾ ڳري اضافي خلاف شٽربند هڙتال ڪئي وئي.
شهر ۾ هڙتال سبب سمورا ڪاروبار مرڪز مڪمل طور بند رهيا.
اڳواڻن جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي سبب غريب عوام جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي.
هنن چيو ته پيٽروليم شين ۽ بجلي جا اگهه وڌڻ سبب ڪاروبار تباهه ٿي رهيو آهي.
سندن چوڻ هو ته حڪمران پنهنجي عياشين خاطر عوام جو رت چوسي رهيا آهن، پر هاڻي عوام سجاڳ ٿي چڪو آهي.
واپاري اڳواڻن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته مهانگائي تي ضابطو آڻي بجلي ۽ پيٽروليم شين جا اگهه گهٽائي عوام کي رليف فراهم ڪيو وڃي.