بخشاپور ويجهو روڊ حادثي جي نتيجي ۾ نوجوان فوت ٿي ويو آهي.
راڻو اسٽاپ وٽ انڊس هاءِ وي تي ٽرالر ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر ٿي پيو.
حادثي جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار 35 ورهين جو شاهه نور پٽ مراد گولو ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو.
اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتي نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال پهچايو جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
35 ورهين جي شاهه نور گولو جو مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.
پوليس ٽرالر کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو جڏهن ته ڊرائيور فرار ٿي ويو آهي.