- Advertisement -
بدين ۾ مبينا تشدد ۾ فوت ٿيل عورت جو لاش ڳجهه ڳوهه ۾ دفنائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
عورت جي فوت ٿيڻ کان اڳ مٿس تشدد جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي هئي.
وڊيو بيان ۾ ناري انا انڙ چئي رهي آهي ته خادم انڙ ستن مهينن تائين ساڻس جسماني زيادتي ۽ تشدد جو نشانو بڻائيندو رهيو.
علائقي واسين جو چوڻ آهي ته خادم انڙ، مقتول انا انڙ جو ڀاءُ آهي، ڀاءُ ڀيڻ کي قيد ۾ رکي زيادتي ۽ تشدد ڪندو رهيو.
ايس ايس پي بدين شيراز نظير جو چوڻ آهي ته هن 2 ڏينهن اڳ چارج سنڀالي آهي واقعي بابت سوشل ميڊيا تان معلوم ٿيو آهي، معاملي جي جاچ ڪري قبر ڪشائي لاءِ عدالت سان رابطو ڪيو ويندو.- Advertisement -
