تازه ترين

برساتن سبب تربيلا، ڪالاباغ، تونسا ۽ ڪابل ندي وٽ هيٺانهين درجي جي ٻوڏ ڊڪليئر ڪئي وئي

- Advertisement -
برساتن سبب تربيلا، ڪالاباغ، تونسا ۽ ڪابل ندي وٽ هيٺانهين درجي جي ٻوڏ ڊڪليئر ڪئي وئي آهي. گڊو ۽ سکر بئراج وٽ ايندڙ هفتي تائين هيٺانهين درجي جي ٻوڏ ٿيڻ جا چٽا امڪان آهن. تربيلا وٽ مٿانهون وهڪرو 3 لک 38 هزار ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 2 لک 78 هزار 100 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. ڪالاباغ وٽ مٿانهون وهڪرو 3لک 35 هزار944 ۽ هيٺانهون وهڪرو 3 لک 27 هزار 960 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. چشما وٽ  گذريل 12 ڪلاڪن ۾ 15 هزار 36 ڪيوسڪ جي اصافي کان پوءِ چشما وٽ مٿانهون وهڪرو چار لک 26 هزار 319 ۽ هيٺانهون وهڪرو 4لک 4 هزار 135 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو . تونسا وٽ مٿانهون 3 لک 51 هزار 246 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 3 لک 31 هزار 946 ڪيوسڪ رڪارڊ ٿيڻ بعد هيٺاهين درجي جي ٻوڏ برقرار آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
15.9 ° C
15.9 °
15.9 °
7 %
1.1kmh
38 %
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
18 °
ڇنڇر
17 °

تازه ترين خبرون