برسات کانپوءِ ڪراچيءَ جي مک روڊن ۽ رستن تان پاڻي نيڪال ڪيو ويو آهي : مرتضيٰ وهاب

- Advertisement -
ڪراچيءَ جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي برسات کانپوءِ ڪراچيءَ جي مک روڊن ۽ رستن تان پاڻي نيڪال ڪيو ويو آهي، مصطفيٰ ڪمال ۽ حافظ نعيم الرحمان جي تنقيد بي بنياد آهي، ڪراچي ۾ هاڻي خوف وارو ماحول ناهي ڪنهن کي ڊڄڻ جي ضرورت ئي نه آهي. ڪراچيءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ ۾ غير امڪاني برسات ٿي، برسات جي حوالي سان مڪاني ادارن ئي ڪم ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته برسات جي حوالي سان گذريل 36 ڪلاڪن ۾ ڪم ٿيو آهي، ڪراچي جي سمورن مک روڊن ۽ رستن تان پاڻي نيڪال ڪيو ويو آهي، هو به شهر گهمي رهيو آهي، نعيم الرحمان ۽ مصطفيٰ ڪمال لاءِ هي شهر مختلف آهي، سندس لاءِ مختلف، الله هن شهر کي تشدد جي سياست کان محفوظ رکي. ڪراچيءَ جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو ته جيڪو ڪم هو هنن ڪيو آهي، ڪوتاهي کي چيڪ ڪرايو ويندو، مسئلن جي حل لاءِ نه نعيم الرحمان ويندو نه مصطفيٰ ڪمال، مسئلن جي حل لاءِ اوهان جو ڀاءُ ئي ويندو، هنن ماڻهن جو ڪم ئي تنقيد ڪرڻ آهي. هن چيو ته هي ماڻهو سوشل ميڊيا ۽ هو روڊن تي موجود هئا، هڪ ٽولو چئي ٿو تنقيد ۽ تعصب جي ڳالهه ڪريو، هڪ ٽولو سندن آهي جيڪو چئي ٿو ڪم ڪريو ۽ دلين کي جوڙيو، هو فخر تائين روڊن تي موجود هئا، جماعت اسلامي جا ماڻهو روڊن تي نظر نه آيا. ڪراچيءَ جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو ته شهر خاطر کيس 50 هزار ته ڇا 50 لک به ڏنڊ ڏيڻو پيو ته ڏيندو، اڄ تائين ڪابه ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي ناهي ڪئي، هو اليڪشن مهم جو حصو ناهي بڻيو. سندس چوڻ هو ته چڙڏياريندڙ ڳالهيون ڪندڙن جو نوٽيس ورتو وڃي، ڪراچي ۾ هاڻي خوف وارو ماحول ناهي ڪنهن کي ڊڄڻ جي ضرورت ئي نه آهي. ڪراچيءَ جي ميئر چيو ته ڪراچي جا مڪاني ادارا به ڪشميري عوام سان گڏ بيٺل آهن، اڄ دنيا ۾ اهو ئي نعرو لڳايو ويندو آهي ته ڪشمير بڻجندو پاڪستان، ڪشميري عوام جو حق خوداراديت گڏيل قومن جي ٺهرائن ۾ طئي ٿيل هو، جيستائين ڀارت جو ظلم ختم نه ٿيندو هو ڪشمير سان گڏ بيٺل آهن. مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪشميري عوام جو ڳلو دٻائڻ لاءِ مودي غيراخلاقي ترميم ڪئي آهي، سندن مطالبو آهي ته گڏيل قومون ڀارتي آئين ۾ ڪيل غيراخلاقي ترميم کي ختم ڪن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19.9 ° C
19.9 °
19.9 °
20%
0.3m/s
0%
اربع
22 °
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °

تازه ترين خبرون