- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته نواز شريف چونڊن ۾ گڙ ٻڙ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، راجا رياض مسلم ليگ ن جي ٽڪيٽ تي چونڊ وڙهي رهيو آهي تنهن ڪري نگران سيٽ اپ تي شڪ شبها آهن، جيترو ممڪن هجي شفاف چونڊ ڪرائي ليول پليئنگ فيلڊ فراهم ڪئي وڃي، مسلم ليگ ن سان سندن گڏ هلڻ مممڪن ناهي، ساڻن اتحاد نه ٿيندو، هي ووٽ کي عزت ڏيو واري مسلم ليگ ن پر آءِ جي آءِ واري ليگ آهي، سياست مان اسٽيبلشمينٽ جو ڪردار ختم ڪرڻ لاءِ سياستدانن کي اڳتي اچڻو پوندو.
وائيس آف آمريڪا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته چونڊن بعد مسلم ليگ نون سان اتحاد نه ڪندا، سياست ۾ اسٽيبلشمينٽ جو ڪردار گهٽ ڪرڻ لاءِ پهريون قدم سياستدانن کي کڻڻو پوندو.
سندس چوڻ هو ته سياسي اڳواڻ اختلافن کي سياست تائين محدود رکن، ذاتي دشمني نه بڻائن، هو پنهنجي منشور تحت چونڊن ۾ حصو وٺي رهيا آهن.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نواز شريف چونڊن ۾ گڙ ٻڙ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، راجا رياض مسلم ليگ ن جي ٽڪيٽ تي چونڊ وڙهي رهيو آهي تنهنڪري نگران سيٽ اپ تي شڪ شبها آهن.
هن چيو ته جيترو ممڪن هجي شفاف چونڊ ڪرائي ليول پليئنگ فيلڊ فراهم ڪئي وڃي، مسلم ليگ ن سان سندن گڏ هلڻ ممڪن ناهي، هي ووٽ کي عزت ڏيو واري مسلم ليگ ن پر آءِ جي آءِ واري ليگ آهي.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هو ملڪ ۾ سياسي استحڪام چاهن ٿا، سياسي انتقام جي سياست ڪرڻي آهي ته نقصان ٿيندو، اميد آهي ته نگران حڪومت ميان صاحب جي دٻاءَ ۾ نه ايندي.
سندس چوڻ هو ته 9 مئي واقعو بلڪل سياست جي دائري ۾ ته نه هو، نواز شريف جيڪڏهن وزيراعظم بڻجي ٿو ته ڏسڻو پوندو ته ڪهڙي سوچ کي کڻي هلي ٿو.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هو ملڪ ۾ سياسي استحڪام چاهن ٿا ته جيئن ملڪي اڳتي وڌي، اميد آهي ته پيپلزپارٽي ڪامياب ٿي حڪومت ٺاهيندي.- Advertisement -
