- Advertisement -
سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته پاڪستان سيڙپڪاريءَ لاءِ بهترين ملڪ آهي، پرڏيهي سيڙپڪار اچي هتي سيڙپ ڪن، سنڌ سرڪار طرفان عوامي ڀلائي ۽ ترقي وارا منصوبا جاري آهي.
ڪراچي ۾ مقرر برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريئٽ ۽ ڊپٽي هاءِ ڪمشنر سارا موني سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران پاڪ برطانيا لاڳاپن سميت مختلف معالن تي ڳالهيون ڪيون ويون.
شرجيل ميمڻ، برطانوي هاءِ ڪميشن جي وفد کي سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي بابت آگاهه ڪيو.
برطانوي هاءِ ڪمشنر عوامي ڀلائي وارن منصوبن تي سنڌ سرڪار جي ڪوشش جي واکاڻ ڪئي.
جين ميريئٽ سنڌ ۾ عورتن لاءِ مخصوص پنڪ بس سروس واري قدم جي ساراهه ڪئي.
سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت طرفان پنڪ بس سروس بهترين قدم آهي.
شرجيل ميمڻ چيو ته پاڪستان سيڙپڪاريءَ لاءِ بهترين ملڪ آهي، پرڏيهي سيڙپڪار اچي هتي سيڙپ ڪن، سنڌ سرڪار طرفان عوامي ڀلائي ۽ ترقي وارا منصوبا جاري آهي.
هن چيو ته هو چاهن ٿا ته پرڏيهي سيڙپڪار سنڌ ۾ خاص طور ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪن، سنڌ سرڪار سندن مدد ڪندي.
شرجيل ميمڻ مهمانن کي روايتي سنڌي لـُـنگي ۽ ٽوپي جا تحفا پيش ڪيا- Advertisement -
