وزيراعظم شهباز شريف نئين آءِ ايم ايف پروگرام کي اڻٽر قرار ڏئي ڇڏيو

- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف نئين آءِ ايم ايف پروگرام کي اڻٽر قرار ڏئي ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته  هاڻي  ڪشتو ڀلي نه  هجي پر اڳيون ڏسي چوي ٿو ته خيرات وٺڻ آيا آهن، حڪومت قرض وٺي پگهارون ڏئي ۽ ترقياتي ڪم ڪرائي رهي آهي. اسلام آباد ۾ ٽيڪس ايڪسلينس ايوارڊ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ملڪي معاشي مسئلن جي حل لاءِ  حڪومت کي خانگي شعبي کي  پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته  حڪومت صوبائي حڪومت سان ملي خانگي شعبي جا مسئلا حل ڪندي ۽ رنڊن جو خاتمو آڻيندي. سندس چوڻ هو ته ملڪي معاشي مسئلا تڏهن حل ٿي سگهن ٿا جڏهن خانگي سيڪٽر  سٺا موقعا پيدا ڪري، انڊسٽري لڳائڻ يا واپار ڪرڻ حڪومت جو ڪم ناهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته  حڪومت جو ڪم سڀني لاءِ  بهترين موقعا پيدا ڪرڻ آهي ۽ اهڙيون پاليسيون جوڙڻ آهي جنهن سان ملڪ ايندڙ سالن ۾ ترقي جي ڊوڙ ۾ دنيا جي ٻين قومن ۾ شامل ٿي سگهي. هن چيو ته معيشيت مضبوط ٿيندي آهي ته  قوم جو آواز مضبوط ٿيندو آهي ۽ سندن آواز کي ٻڌو ويندو آهي، معيشيت ڪمزور هجي ته ڪير به آواز نه ٻڌندو آهي، ماضي جي ڪيترن ئي ڏهاڪن کي ڇڏي هاڻي اڳتي وڌڻو پوندو. سندس چوڻ هو ته ڪشتي جي پاليسي کي هاڻي ختم ڪرڻي پوندي، هاڻي تي ڪشتو کڻي نه به وڃجي ته اڳيان چون ٿا ته ڪشتو هنن جي بغل ۾ آهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هاڻي پنهنجي جيءَ ۾ جهاتي پائڻ جي ضرورت  آهي،  ڪشتو نه کڻندڙ قومون تمام گهڻو اڳتي وڌي ويون آهن. هن چيو ته ملڪ مٿان قرضن جو پهاڙ آهي جنهن کي قرض وٺي ئي لاٿو پيو وڃي،  قرضن مان پگهار ادا ڪندا ۽ ترقياتي ڪم به قرضن مان ئي ٿي رهيا آهن، قرضن واري زندگي آخر ڪيستائين گذاريندا؟ سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن قرضن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻو آهي ۽ عزت سان زندگي گذارڻي آهي ته پوءِ هڪ ئي رستو آهي ته هڪ جان ٿي ڏينهن رات محنت ڪئي وڃي، انڊسٽري کي وڌايو وڃي، ايڪسپورٽ ۾ اضافو ڪيو وڃي،  هدف حاصل ڪرڻ سان ئي مسئلا حل ٿيندا. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته آءِ ايم ايف سان معاملن ۾ اڳڀرائي ٿي آهي،  آءِ ايم ايف جو وڌيڪ هڪ پروگرام گهرجي ٻيو ڪو به رستو ناهي. هن چيو ته آءِ ايم ايف پروگرام سان کين محنت ۽ اڳتي وڌڻ جو سلسلو جاري رکڻو پوندو، نوڪرين جا موقعا پيدا ڪرڻا پوندا، مهانگائي ۾ گهٽتائي ڪرڻي پوندي، زراعت ۽ ايڪسپورٽ ۾ اضافو ڪرڻو پوندو. سندس چوڻ هو ته خساري وارن ادارن کي خانگايو پيو وڃي، هوائي اڏن ۽ پي آءِ اي کي خانگايو پيو وڃي، جيستائين بجلي، گئس ۽ ٻين ادارن جي خساري کي ختم نه ڪيو ويندو تيستائين معيشيت جو خال ڀرجي نه سگهندو، اهو سڀ ڪيو ويو ته پاڪستان ضرور ترقي ڪندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
18.2 ° C
18.2 °
18.2 °
42%
2.5m/s
0%
جمعو
26 °
ڇنڇر
26 °
آچر
25 °
سُومر
27 °
اڱارو
25 °

تازه ترين خبرون