بشام حملو پاڪستان ۽ چين ۾ اختلاف پيدا ڪرڻ جي ڪوشش آهي: پاڪ فوج

- Advertisement -
پاڪ فوج، بشام ۾  آپگهاتي حملي  مذمت ڪندي چيو آهي ته بشام حملو پاڪستان ۽ چين ۾ اختلاف پيدا ڪرڻ جي ڪوشش آهي، پاڪستان جي اقتصادي ترقي ۽ عوام جي ڀلائي توڙي ترقي وارن اهم اسٽريٽجڪ منصوبن ۽ حساس هنڌن کي نشانو بڻايو پيو وڃي، دهشتگردن جي سڌي ۽ اڻ سڌيءَ ريت مدد ۾ ملوث سمورن ماڻهن کي ڪيو ويندو. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته پاڪستان ۾ دهشتگردي جا تازا واقعا بزدلاڻيون ڪارروايون آهن. پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته  هٿياربندن فوج تربت ۽ گوادر ۾  دهشتگرد حملا ناڪام بڻايا، بدقسمتيءَ سان بشام ۾ دهشتگرد حملي سبب  پنجن چيني شهرين سميت 6 ڄڻا مارجي ويا. آءِ ايس پي   آر چيو ته پوري قوم چيني ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي. آءِ ايس پي آر موجب پاڪستان جي اقتصادي ترقي ۽ عوام جي ڀلائي توڙي ترقي وارن اهم اسٽريٽجڪ منصوبن ۽ حساس هنڌن کي نشانو بڻايو پيو وڃي. پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته بشام حملو پاڪستان ۽ چين ۾ اختلاف پيدا ڪرڻ جي ڪوشش آهي. آءِ ايس پي آر موجب ڪجهه پرڏيهي عنصرن ذاتي مفادن تحت پاڪستان ۾ دهشتگردن جي مدد ۽ کين همٿائڻ ۾ ملوث آهن، اهڙا عنصر دهشتگرد ڪاررواين ذريعي وائکا ٿي رهيا آهن. پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته معصوم شهرين، پرڏيهين ۽ هٿياربدن فوج خلاف تشدد واريون ڪريل ڪارروايون دهشتگردي جي خاتمي واري سڪيورٽي فورسز ۽ عوام جي عزم کي ڪمزور نه ٿيون ڪري سگهن. آءِ ايس پي آر چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف فرنٽ  لائن رياست طور واحد ملڪ آهي جيڪو عالمي دهشتگردي جو سڌيءَ ريت مقابلو ڪري رهيو آهي. پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ويندو ته دهشتگردن جي سڌي ۽ اڻ سڌيءَ ريت مدد ۾ ملوث سمورن ماڻهن کي وائکو ڪري سخت سزا ڏني وڃي. آءِ ايس پي آر موجب پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پوري طاقت سان وڙهي رهيو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22.2 ° C
22.2 °
22.2 °
32%
2.2m/s
0%
ڇنڇر
26 °
آچر
26 °
سُومر
28 °
اڱارو
28 °
اربع
26 °

تازه ترين خبرون